پ پ سنڌ کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي: سردار عبدالرحيم

ڪراچي (رپورٽر) قومپرست اڳواڻ شاھد نوتيار ،احمد منڱريو،حافظ منڱريو ۽ محمد علي بلوچ ساٿين سميت فنڪشنل ليگ سنڌ جي جنرل سيڪريٽري سردار عبدالرحيم سان ملاقات ڪري فنڪشنل ليگ شموليت جو اعلان ڪيو،ان موقعي تي فنڪشنل ضلعي ملير جو صدر فقير عبدالقادر شر،جنرل سيڪريٽري محمد عرفان ،ڪراچي رابطه ڪميٽي جي سيڪريٽري سر احمد علي به موجود ھئا ،سردار عبدالرحيم شموليت ڪندڙن کي ڀليڪار ڪندي چيو ته  فنڪشنل ليگ سنڌ جي خوشحالي ترقي لاءِ ڪوششن ۾ رڌل آهي،سنڌ کي پيپلز پارٽي برباد ڪري ڇڏيو آھي،ڪرپشن عروج تي آھي،خوشحال سنڌ واسي بک ۽ بدحالي جو شڪار آھن،بيروزگاري سبب سنڌ جا نوجوان خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور آھن،پيپلز پارٽي مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ لاءِ فنڪشنل ليگ جا ھٿ مضبوط ڪيا وڃن،ان ۾ ئي سنڌ جي بقاءِ خوشحالي آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.