سنڌ جي ماڻهن کي جاگيردارن کي رد ڪرڻو پوندو: قادر مگسي

ٺٽو(ڊ ر) ايس ٽي پي سربراھ ڊاڪٽر قادر مگسي چيو آھي ته  75 سالن کان ھي ملڪ تجربيگاھ بڻيل آھي، نه ملڪ ھلائڻ وارن کي خبر آھي ته  نظم ضبط ڪيئن ھلندو؟  نه وري حڪمرانن کي جيڪي واري واري سان اقتدار ۾ اچن ٿا ان کي خبر آھي ته  ويزن ڇا آھي, اھڙين خيالن جو اظھار ھن پريس ڪلب ٺٽو ۾ پريس ڪلب جي نئين چونڊيل باڊي کي مبارڪباد ڏيڻ بعد ميڊيا سان ڳالھ ٻولھ ڪندي ڪيو. ھن چيو ته  ھي ملڪ ھڪ مخصوص حالت مطابق ٺاھيو ويو. پاڪستان ٺاھڻ ۾ سنڌ جو اھم ۽ ڪليدي ڪردار آھي. ملڪ ٺاھڻ وارو قائد اعظم محمد علي جناح به ٺٽي جو ھو ۽ سنڌ اسيمبلي ۾ ملڪ ٺاھڻ جي قرارداد به سائين جي ايم سيد پيش ڪئي جيڪو به سنڌ جو آھي. ملڪ ٺاھڻ لاءِ سنڌين وڏيون قربانيون، ھندستان ۾ مذھبي فساد ھليا جنھن بعد جيڪي اتان ھجرت ڪندڙن کي سنڌين جيءَ ۾ جايون ڏنيون زمينون ڏنيون، اڄ انھن جا ٻچا گھرن ۾ پنھنجن حقن سان رھائش پذير آھن، ملڪ ٺھڻ بعد سنڌين کي سياسي اقتدار، نظم ۽ ضبط کان ٻاھر ڪڍيو ويو، جنھن بعد ملڪ ھلائڻ وارن کي خبر ئي ناھي. ھن چيو ته  پاڪستان ٺھڻ بعد  سکر، ڪوٽڙي ۽ گڊو بئراج ٺھڻ تي ڌارين کي الاٽمينٽ ملي، ھن چيو ته  جنرل ضياالحق جي دور کان سنڌ جي وسيلن تي ھنن قبضو ڪري ورتو. پاڻي تي پنجاب جو قبضو آھي. پنجاب جڏھن چاھي پاڻي ڏي جڏھن دل ڪري بند ڪري ڇڏي جيڪو پاڻي اچي ٿو ان تي به جاگيردارن ۽ وڏيرن جو پاڻي تي قبضو آھي. پوڇڙ وارن علائقن ۾ پاڻي نٿو پھچي ھزارين ايڪڙ زمين بنجر آھي. ھن چيو ته  زراعت مڪمل تباھ آھي، غير معياري ٻج ۽ ڀاڻ جون ڪمپنيون رجسٽرڊ ڪري ھارين ۽ آبادگارن کي ڪنگال بڻايو ويو آھي. سنڌ جي ماڻھن کي سجاڳ ٿيڻو پوندو جاگيردار ۽وڏيرن جي بدران پنھنجي صفحن مان متبادل ٺاھي يونين ڪائونسل کان اسيمبلي تائين ھاري مزدور ۽ پورھيتن کي پھچائين ته  ھي نظام بدلجي پوندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.