پني عاقل ۾ بدامني، ڦرون چوريون روز جو معمول، ڀاڳيا راتيون جاڳڻ تي مجبور

پنوعاقل ( رپورٽ: نور محمد سومرو ) پني عاقل تعلقي ۾ بدامني جي باھ اجھي نه سگھي آھي، ھر آئي رات چوري جون وارداتون وڌي رھيون آھن، جڏھن ته پوليس ڪابه چوري واپس نه ڪرائي سگھي، عوام راتيون جاڳي  ڪاٽڻ تي مجبور آھي، ان سلسلي ۾ ڳوٺ لالو ماڪي مان خالد ماڪو جون 4 مينھون نامعلوم چوري ڪاھي فرار ٿي ويا، ڳوٺ عالم خان جتوئي مان غلام محمد جتوئي جون 12 ٻڪريون به چوري ٿي ويون جڏھن ته ڳوٺ خميسو سيال مان پٺاڻ ميراڻي کان ھٿياربند موٽرسائيڪل ڪاھي فرار ٿي ويا، چوري متاثرن ايس ايس پي سکر عرفان سمون کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي چوريون واپس ڪرائي امن بحال ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.