نوان جتوئي لڳ ٽرالي جو موٽر سائيڪل سان ٽڪر، نوجوان فوت

نوان جتوئي ( ن ع آ ) درس ٿاڻي جي حد نيو جتوئي مورو روڊ تي هليا اسٽاپ وٽ  موٽر سائيڪل جو ڪمنڊ جي ٽرالي کي ٽڪر نتيجي ۾ 23 ورهين جو نوجوان  علي عابد عرف پسند علي جيسر زخمي ٿي پيو جنهن کي نازڪ حالت ۾ مورو اسپتال منتقل ڪيو پئي ويو ته رستي ۾ فوت ٿي ويو ، فوتي جو لاش درس ايس ايڇ او محمد اسلم سومرو تعلقي اسپتال  مورو پهچايو جتي ڊاڪٽرن پاران فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي،فوتي جيجل اخبار مناهي جو رپورٽر علي دوست جيسر جو ڀاءُ آھي ۽ نوجوان مورو جي نجي ميڊيڪل سينٽر تي ڊسپينسر طور ڪم ڪندو هو . هوڏانهن نوجوان جو لاش گهر پهتو ته گهر ۾ قهرام مچي ويو.

  • حر جماعت جي چيف خليفي پاران غازي يوسف ڪوري جي وارثن سان تعزيت

ٽنڊو غلام علي (ن ع آ) حر جماعت جي معزز شخصيت ۽ چيف خليفو فقير قادر بخش مڱريو  آچر جي شام ٽنڊو غلام لڳ ڳوٽ سليمان  پهوڙ پهچي  1965ع ۽ 71ع واري جنگين ۾ هندوستان خلاف مهاڏو اٽڪائيندڙ غازي حر مجاهد فقير محمد يوسف ڪوري جي وفات تي سندس ڏکوئيل  خاندان سان تعزيت لاءِ علامه و مولانا فقير عبدالله ڪوري سڪندري ۽ مرحوم جي ڀائيٽي فقير عبدالمجيد ڪوري سان  عذخواهي ڪئي مرحوم جي ايثال و ثواب لاء فاتح خواني ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.