لکي واسي مغوي جي وڊيو وائرل، ڌاڙيل جا ماڻهو ڇڏڻ جي گهر

لکي غلام شاھ(رپورٽ:نديم جان مهر) چڪ لڳ ڌاڙيلن هٿان اغوا ٿيل  مغوي بازياب نه ٿي سگهيا سندن گهرن ۾ ڪهرام متل چڪ لڳ 2 ڏينهن اڳ اغوا ٿيل ھوٿي ڳوٺ جي رهواسي عبدالله سولنگي جو ڌاڙيلن پاران ويڊيو رڪارڊ ڪري سوشل ميڊيا تي وائرل ڪيو ويو، ڌاڙيل جي قيد ۾ ڦاٿل مغوي نوجوان عبدالله سولنگي سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل ويڊيو ۾ چئي رهيو آھي ته ڪجھ ڏينهن اڳ ايس ايس پي شڪارپور تنوير تنيو ڌاڙيلن جا ڪجھ مرد ۽ عورتون گرفتار ڪري گم ڪري ڇڏيا آهن جنهنجي ڪري مون کي اغوا ڪيو ويو آهي. وائرل ٿيل ويڊيو بيان ۾ مغوي نوجوان عبدالله سولنگي جو چوڻ آھي ته مونکي ڌاڙيلن هڪ ڄنگھ ۾ گولي هنئين آھي اگر ڌاڙيلن جا ماڻھون ڪجھ ڏينهن ۾ آزاد نه ڪيا ويا ته هي مونکي ماري ڇڏيندا اگر ڌاڙيل مون کي ماري ڇڏيو ته منهنجي خون جو ذميوار ايس ايس پي شڪارپور هوندو.  اهڙو ويڊيو وائرل ٿيڻ کانپوء نوجوان جي وارثن ۾ پريشاني جي لهر ڇائنجي وئي آھي. ٻي طرف  لکي غلام شاھ تعلقي مان اغوا ٿيلن جو انگ 2 ٿي ويو آھي لکي غلام شاھ شھر واسي نوجوان زوهيب ڀٽو کي هڪ مهينو گذرڻ باوجود پوليس کيس بازياب ڪرائي نه سگهي آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.