عوامي آواز بهارو جي رپورٽر جي دڪان مان ٿيل چوري واپس نه ٿي، احتجاج

بهارو(ن ع آ) بهارو جي سينئر صحافي ۽ روزاني عوامي آواز جي رپورٽر جاويد حسين پنهور جي جنرل اسٽور کان هڪ هفتو اڳ ٿيل لکين روپين جي چوري بهارو پوليس واپس ڪرائڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي وئي آهي، بهارو پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو به ناهي ڪيو.جڏهن ته  بهارو ٿاڻي جي حد ۾ هر آئي ڏينهن ڏوهن ۾ واڌ اچي وئي آهي، اهڙي ريت گذريل رات دير سان اکين جي ڊاڪٽر جي حوالي سان مشهور درگاهه نبي شاهه جي احاطي مان نامعلوم چور سولر موٽر لاهي فرار ٿي ويا آهن. پر بهارو پوليس جي ڪن تي جوءَ  به نه چري آهي. جنهن سبب علائقي ۾ وڌندڙ بدامني سبب ماڻهن ۾ خوف پکڙيل آهي ۽ ماڻهو راتيون جاڳي گذارڻ تي مجبور ٿي ويا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.