قمبر ۾ڀاڻ اڻلڀ، هاري پريشان، پ پ شهيد ڀٽو ۽ آبادگارن جو ڌرڻو

قمبر(رپورٽ: محمود شيخ)قمبر ۾ يوريا ڀاڻ جو بحران شدت اختيار ڪري ويو ڊيلر مافيا في ٻوري 3000 تي سرعام  وڪرو ڪرڻ لڳي انتظاميا خبروار هوندي به اڻ واقف بڻيل آهي ان سلسلي ۾ پ پ شھيد ڀٽو ۽  آبادگارن طرفان ڊيلرن جي دڪانن اڳيان احتجاج ڪندي ڪامريڊ شوڪت چانڊيو،عرفان گوپانگ،آبادگار اقبال چانڊيو،نادر مگسي،وسيم ٽوٽاڻي،اسماعيل چانڊيو ۽ ٻين چيو ته ڀاڻ جي ايجنسي ڊيلر ڀاڻ 3000 تي سرعام وڪرو ڪري رھيا آھن غلام مصطفي ٻرڙو صالح بليدي عبدالمجيد رند ۽ ٻين طرفان في ڪارڊ تي ھڪ ٻوري ڏيڻ بعد ۾ چيو ته ڀاڻ ختم ٿي ويوآبادگارن وڌيڪ چيو ته اسان 20 کان 30 جريب زمين جا ھاري آھيون سڄو ڏينھن لائين ۾ بيھاري ڪارڊ جي ڪاپي وٺي صرف ھڪ ٻوري جي پرچي ڏني آھي با اثرن ماڻھن کي ٽريڪٽر ڀري ڏنا ويا آهن اهو ڀاڻ  انتظاميا کي ڏسڻ ۾ نه اچي هنن سنڌ حڪومت کان مطالبو ٿاڪيون ته ڀاڻ جي کوٽ ختم ڪري ڊيلر مافيان خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.