لاڙڪاڻي ۾ پ پ ش ڀ جو اجلاس، مختلف معاملن تي غور ويچار

لاڙڪاڻو(ڊ ر) پاڪستان پيپلز پارٽي شهيد ڀٽو ضلعي جو اجلاس صوبائي چيف آرگنائيزر زبير احمد جتوئي جي صدارت هيٺ ٿي گذريو جنهن ۾ ضلعي، سٽي ۽ مختلف تعلقن جي اڳواڻن شرڪت ڪئي. اھم اجلاس ۾ مرڪزي قيادت جي هدايتن تي قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 5 جنوري تي ملهائجندڙ 94 هين سالگرهه ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ ملهائڻ، سالگرهه پروگرام کي ڪامياب ڪرڻ ۽ مختلف ضلعن جي ميزباني ڪرڻ سميت ٻين معاملن تي غور ويچار ڪري ايجنڊائن کي حتمي شڪل ڏني وئي. ان موقعي تي چيف آرگنائيزر زبير احمد جتوئي چيو ته قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي سالگرهه جي موقعي تي ڳوٺ سچي بخش جاگيراڻي ۾ استقباليه ڪئمپ لڳائي ويندي ۽ سڄي سنڌ جا قافلا 12 بجي منجهند جو شهيد قائد جي مزار ڏانهن ڳڙھي خدابخش ڀٽو لاءِ ڪيمپ تان روانا ٿيندا جتي سالگرهه جي تقريب ڪوٺائي شهيد قائد کي ڀيٽا پيش ڪرڻ سنڌ جي آرگنائيزنگ ڪاميٽي شهيدن جي مزارن تي حاضري ڀري گلن جون چادرون چاڙھيندي.

  • ھنڱورجا يوٿ فورم جي چونڊ، جميل ڀٽو صدر چونڊيو ويو

ھنڱورجا (ن ع آ)  ھنڱورجا يوٿ فورم جي چونڊ, جميل علي ڀٽو کي صدر چونڊيو ويو.يوٿ فورم جي اجلاس دوران اتفاق راء سان جميل علي ڀٽو کي صدر,فرحان  سھتو کي نائب صدر,شاھد رسول طاھري جنرل سيڪريٽري,صدام حسين چانگ جوائنٽ سيڪريٽري,عاشق حسين ڀٽو خزانچي چونڊيو ويو.اسد علي ڀٽو,ڄام محبوب سھتو,عابد سولنگي ۽ فرمان سھتو کي ايگزيڪيٽو ڪميٽي جو ميمبر چونڊيو ويو.نون چونڊيل عھديدارن کي ھنڱورجا پريس ڪلب جي صدر فرمان علي سھتو,سينيئر صحافي عابد سولنگي ۽ ٻين ھار پارايا ۽ مبارڪون ڏنيون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.