ڪنڌرا قبرستان ۾ رولو ڪتن ديرا ڄمائي ڇڏيا، عملدارن کي اطلاع

سکر( رپورٽر) ڪنڌرا شهر جي مخدوم بادشاهه قبرستان ۾ قبرن جي بي حرمتي تي شھرين ٽائون ڪاميٽي وارن کي اطلاع ڏنو ۽ بعد ۾ ڪنڌرا پوليس کي اطلاع ڪيو ويو. ڪنڌرا پوليس جي ايس ايڇ او نوٽيس وٺي پوليس موڪلي قبرن جي صورتحال  جو جائزو ورتو. ٽائون ڪميٽي وارن به قبرن جي ڪا پر گهر نه ڪئي  نه وري اطلاع جي با وجود نه آي قبرن جي بيحرمتي تي شهري گڏ ٿي ويا قبرن کي ايترو کوٽيو ويو  آھي جو ڪفن ۽ سران نظر اچي رهيا آھن ۽ قبرن ۾ رولوڪتن جا ٻچا ويٺا هئا اهڙي صورتحال تي شهري حيران ۽ پريشان رهيا ۽ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته رولو ڪتن کي مارائي قبرن کي بيحرمتي کان بچايو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.