ذهني روڳ هڪ وڏو ڪرب ۽ ڏکائيندڙ مرحلو آهي، لاڙڪاڻي ۾ جاڳرتا تقريب

لاڙڪاڻو(ڊ ر) ذهني صحت جي عالمي ڏينھن جي موقعي تي لاڙڪاڻي شھر اندر گهرن ۾ وڃي، ذهني مريضن جو علاج ڪندڙ فلاحي اداري “سُولِ” طرفان سر شاهنواز ڀٽو لائبريري ۾ ذهني مرض جي علاج ۽ دوائن لاءِ فنڊ گڏ ڪرڻ جي حوالي سان جاڳرتا پروگرام ڪوٺايو ويو. ان موقعي تي  شھيد بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي جي وائيس چانسلر انيلا عطا الرحمن ميمڻ مھمان خاص جي حيثيت سان خطاب ڪندي چيو ته ذهني روڳ هڪ وڏو ڪرب ۽ ڏکائيندڙ مرحلو آهي ان ڪري خاندان، معاشري ۽ حڪومت کي ذهني مرضن ۾ مبتلا مريضن کي صحت مند بڻائي سماج ۾ ٻين وانگر جيئڻ لاءِ، اسپتالن، دوائن ۽ تربيت يافتا ڊاڪٽرن ۽ نرسن جون سھولتون  وڌائڻ واري پاليسي تي زور ڏيڻ گهرجي ۽ لاڙڪاڻي جي خوشحال شهرين کي “سُولِ” جھڙي اداري سان مالي سھڪار ڪري پنهنجو اهم فرض پورو ڪرڻ گهرجي. لنڊن کان آيل ذهني مرضن جي ماهر ڊاڪٽر ۽ سُولِ جي سرواڻ ڊاڪٽر صفي افغان چيو ته اڄ به اسان جي سماج ۾ ذهني مرضن بابت شعور جي کوٽ سبب، ذهني مرض ۾ مبتلا پنھنجي گهرجي ڀاتين کي درگاهن تي اڇلائي اچن ٿا ۽ انھن جي زندگي کي وڌيڪ عذابن ۾ مبتلا ڪري کين اڪيلو ڇڏي ڏين ٿا. هن چيو ته “سُولِ” جا رضاڪار ڊاڪٽر ۽ ٻيو عملو ذهني مرضن جي جاڳرتا ڏيڻ سان گڏ، گهر گهر وڃي انھن جو رازداريءَ سان علاج به ڪن ٿا. سُولِ جي اڳواڻ ۽ ماهر نفسيات ڊاڪٽر بدر جوڻيجو چيو ته سُولِ ادارو لاڙڪاڻي شھر ۾ اٽڪل 200 ذهني مريضن جو گهرن ۾ وڃي علاج ڪري رهيو آهي، کين اڃان وڌيڪ مريضن جي علاج، دوائن ۽ تربيت يافته عملي جو تعداد وڌائڻ لاءِ شهرين طرفان مالي مدد ۽ سھڪار جي سخت ضرورت آهي. سُولِ جي سرگرم ڊاڪٽر ۽ ليکڪ ڊاڪٽر ذوالفقار راهوجي چيو ته ذهني مرضن جي علاج ۽ دوائن لاءِ هن مھل تائين ڪا به بھتر ۽ پائيدار پاليسي نه جڙي سگهي آهي، پ پ اڳواڻ خيرمحمد شيخ ٻين خطاب ڪيو، پروگرام ۾ سائنسي ادب جي نامياري ليکڪ ۽ ٻارن جي ماهر سرجن ڊاڪٽر سڪندر علي مغل، مزمل عباسي، ايڊووڪيٽ راحيله گهمرو، پوليس آفيسر نغمه مزاري، صحافي ذوالفقار راڄپر ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي.

  • ٻنون ۾ڳوٺاڻن جو بااثر خلاف احتجاج، عورتن ۽ ٻارن سميت ڌرڻو

ٻنون (ن ع آ) ٻنون لڳ مولچند موري جي ڳوٺاڻن غلام حسين منڱڻھار، عطا محمد منڱڻھار،  عبدالستار، علي محمد منڱڻھار، حنيفان، غلام فاطمه، پٺاڻي، سھڻي منڱڻھار ۽ ٻين معصوم ٻارن سميت ٻنون  قادرڏنو شاھ وايا حيدرآباد روڊ تي بااثر جوابدارن خلاف سخت احتجاج ڪندي چيو ته تر جي بااثر جوابدارن غلام حيدر ۽ گلشير جماري پنھنجن ھٿياربندن کي ساڻ ڪري اسانجي اباڻي زمين تي قبضو ڪري اتي ھٿياربند غنڊن کي ويھاري ڇڏيو آھي، ھنن الزام ھنيو ته بلڙي شاھ ڪريم پوليس جو ڊي ايس پي مجاھد شاھ بااثر جوابدارن جي ونگار وھندي اسان خلاف ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا آھن، پوليس روزانو اسانجي گھرن تي چڙھائي ڪري پريشان ڪيو پيو وڃي، ھنن سنڌ جي وڏي وزير، آئي جي سنڌ، ڊي آئي جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي ٽنڊو محمد خان کان گھر ڪئي آھي ته خدارا بااثر جوابدارن خلاف سخت ڪارروائي ڪري اسانکي جاني مالي تحفظ ڏياريو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.