ٽنڊومير علي ويجهو شهيد اهلڪار جي تدفين

ٽنڊوميرعلي (ن ع آ)ڪراچي ۾ سائيڊ سپر هائيوي جي ٿاڻي جي حد ۾ ٽنڊوميرعلي ڀرسان ڳوٺ چنگل ملڪ واسي هٿياربندن جي حملي ۾   شھيد ٿيل پوليس اهلڪار برڪت علي ملڪ جو مڙھ ٽنڊوميرعلي ڀرسان سندس اباڻي ڳوٺ محمد چنگل ملڪ پهچڻ تي سڄي ڳوٺ ۾ ڪهرام مچي ويو ،شھيد جي جنازه نماز ڳوٺ  محمد چنگل ملڪ ۾  ادا ڪئي وئي جنهن ۾ سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ۽صحافين جي وڏي انگ  شرڪت ڪئي  جنهن کان پوءشھيدبرڪت علي ملڪ کي ڊي ايس پي ٺري ميرواه فدا اعواڻ ايس ايڇ او ٺري ميرواه مصور قريشي  ۽ ٻين پوليس اهلڪارن شھيد کي خراج تحسين پيش ڪري سلامي پڻ ڏني  جنازي ۾ پوليس اهلڪارن سميت ڊاريڪٽر ايجوڪيشن ڪراچي غلام اڪبر  ملڪ,اڳوڻي وائيس چيرمين ٽائون ڪاميٽي ٽنڊوميرعلي ايڊوڪيٽ ڪاشف  رضا ٻانڀڻ, صحافي عامر حسين لنڊ, عبدالحفيظ ويسر  سميت ڪيترن ئي سياسي سماجي اڳواڻن ۽ صحافين شرڪت ڪئي، آخر ۾ شھيد جي مڙھ کي سوين اکين آلين سان پنهنجي اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماء حوالي ڪيو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.