سڪرنڊ ۾ نوجوان پاران پاڻ مٿان پسٽل جو فائر ڪري آپگهات

سڪرنڊ (ن ع آ)  سڪرنڊ شهيد ڪالوني جي رهواسي نوجوان 17 ساله عامرولد محمد صادق مڪراني گهر اندر پاڻ مٿان پسٽل جو فائر ڪري  زندگي جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو. کيس تعلقه اسپتال سڪرنڊ آندو ويو جتي ڊاڪٽرن پاران سندس فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي. ڊاڪٽرن پاران مٿي ۾ گولي لڳڻ جي تصديق ڪئي. اسپتال ۾ موجود سندس چاچي سومر مڪراني ٻڌايو ته منهنجي ڀائيٽي پاڻ مٿان پسٽل جو فائر ڪري خودڪشي ڪئي آهي. سندس طبيعت ناساز رهندي جنهن جو علاج پڻ هلندڙ هو. سڪرنڊ پوليس مطابق نوجوان پاران پنهنجي ئي گهر ۾ فائر ڪري خودڪشي ڪئي آهي. وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.