سکر آپگهات معاملو، عورت ۽ ٻن ٻارن جا لاش نه مليا

سکر(رپورٽر) سکر ۾ عورت ٻن ٻارن سميت نهر ۾ ٽپو ڏيڻ وارو معامرو، 48 ڪلاڪ گذرڻ باوجود لاش نه ملي سگهيا، لاشن جي ڳولها جاري، آخري اطلاع تائين لاش هٿ نه اچي سگهيا، خبر موجب: گذريل رات خيرپور جي علائقي لقمان ڦاٽڪ جي رهواسي عورت پاران هڪ پٽ ۽ هڪ ڌيءَ سميت نارا ڪئنال ۾ ٽپو ڏيڻ واري واقعي کي 48 ڪلاڪ گذرڻ باوجود سندن لاش ناهين ملي سگهيا، ان ڏس ۾ ڪئنال ۾ ٽپو ڏيندڙ عورت مسمات شهناز جي والد امان  الله شيخ جو چوڻ آهي ته ڌيءَ مڙس جي تشدد کان تنگ ٿي اهڙو قدم کنيو، سندن لاشن جي ڳولها ۾ مدد ڪئي وڃي. هوڏانهن آخري اطلاع تائين لاش هٿ نه اچي سگهيا هئا، جڏهن ته ڪئنال ۾ ٽپو ڏيندڙ عورت جي گهر ۾ ماتم متل آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.