خيرپور واسي لطيف يونيورسٽي جو ملازم سکر مان اغوا، موبائل بند

خيرپور(رپورٽ: مختيار ڦلپوٽو)مدينه ڪالوني خيرپور جو رهواسي ۽ شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جو ملازم ايمپلائيز اڳواڻ حاڪم علي ڦلپوٽو سکر جي بس اسٽاپ تان اغوا ٿي ويو ان سلسلي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته حاڪم ڦلپوٽو خريداري جي حوالي  سان سکر ويو هو جئين هو خريداري ڪري واپس خيرپور لاءِ بس اسٽاپ تي بيٺو هيو ته نامعلوم هٿياربندا کيس اغوا ڪري کڻي ويا جڏهن ته سندس موبائيل فون به بند ٿي ويو آهي مغوي حاڪم جي وارثن کي اطلاع ملڻ شرط گھر ۾ ڪهرام مچي ويو آهي هنن ايس ايس پي خيرپور ۽ ايس ايس  پي سکر کان حاڪم علي جي بازيابي  جو مطالبو ڪيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.