حڪومتون عوام سان کيڏڻ بند ڪن: راشد سومرو

سکر(رپورٽر) جمعيت علماءِ اسلام صوبي سنڌ جي مجلس عاملا جو اهم اجلاس، اجلاس ۾ سڄي صوبي مان جي يو آٰءِ اڳواڻن جي شرڪت، اجلاس ۾ موجود اڳواڻن کي صوبائي جنرل سيڪريٽري راشد محمود سومرو پاران بريفنگ، جمعيت علماءِ اسلام صوبي سنڌ جو مجلس عاملا وارو اجلاس سکر ۾ ٿي گذري، جنهن ۾ سڄي صوبي جي اڳواڻن شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ جمعيت علماءِ اسلام جي صوبائي سيڪريٽري جنرل علامه راشد محمود سومرو اجلاس کي تفصيلي بريفنگ ڏيندي چيو ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون عوام سان ڪيڏڻ بند ڪرين، مسجدن جي تحفظ لاءِ تمام سياسي ۽ مذهبي جماعتن کي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، اسلامي رياست ۾ اهڙا حڪم سواليا نشان آهن. اجلاس ۾ بلدياتي چونڊن ۽ مهانگائي خلاف اسلام آباد مارچ تي اظهار خيال سميت مدينه مسجد طارق روڊ ڪراچي ۽ ٻين مسجدن جي دفاع جو فيصلو ڪيو ويو، جڏهن ته اجلاس ۾ مني بجيٽ کي پڻ مڪمل طور تي رد ڪندي سڄي سنڌ ۾ ڀرپور تحريڪ هلائڻ جو آعاز ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.