شاگردن تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف قاضي احمد ۾ احتجاج

قاضي احمد (ن ع آ)  سنڌ يونيورسٽي ۾ ثقافتي ڏينهن ملهائڻ جي ڏوھ ۾ سياف جي مرڪزي صدر آسيس لغاري سينيئر نائب صدر زيب جتوئي  ۽ سياف سنڌ يونيورسٽي جي صدر امر آڪاش لاکو مٿان بغاوت جا ڪيس داخل ڪرڻ خلاف سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ۽ يونائيٽيڊ اسٽوڊنٽس فيڊريشن پاران سياف جي مرڪزي اڳواڻ زوهيب سنڌي ايس يو پي اڳواڻ  محسن راهو  آفتاب گبول الطاف لاکو ياسين جتوئي لالا خالد مظھر خاصخيلي جي اڳواڻي ۾ عوامي سي اين جي کان احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب قاضي احمد آڏو احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو،اڳواڻن ميڊيا سان ڳالھائيندي  چيو ته جيڪڏهن پنهنجي ڌرتي سان محبت ڪرڻ ڏوھ آهي ته پوري سنڌ اھو ڏوھ بار بار ڪنداسين هيءَ جيڪا جمهوريت جي ڪوڙي دعويدار سنڌ حڪومت آهي ان شاگرد اڳواڻن مٿان بغاوت جا ڪوڙا ڪيس داخل ڪري پنهنجو مقروح چهرو عوام آڏو ظاهر ڪري چڪي آهي هنن چيو ته اسان جي بھادر اڳواڻن پاڻ گرفتاري ڏئي ثابت ڪري ڇڏيو ته اسان ڪنهن جيل ٿاڻي کان نه ٿا ڊڄون اسان کي اميد آهي ته عدالتون شاگردن تان ڪوڙا ڪيس ختم ڪري کين باعزت بري ڪنديون ۽ اسان پوليس انتظاميان کي چتاء ٿا ڏيون ته اگر هن تاريخ تي چالان پيش نه ڪيو ويو سندن خلاف ڀرپور تحريڪ هلائي ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.