خيرپور ۾ اٽي جا اگهه چڙهي ويا، پورهيت پريشان، احتجاج

خيرپور( ڊ ر )خيرپور ۽ ان جي آس پاس واري علائقن ۾ اٽي جا اگھ چوٽ چڙهي ويا آهن  غريب ۽ مزدور طبقو ٻه ويلا ماني کائڻ جي لاءِ پريشان ٿي ويو آهي جنهن عمل خلاف خيرپور جي مختلف هنڌن تي مزدور ۽ پورهيت طبقي سان واسطو رکندڙ ماڻهن ٺيڙهي،ڳاڙهي پل،حسيني چوڪ لقمان،پنجهٽي ۽ ٻين هنڌن تي احتجاجي مظاهرا ڪيا جنهن اڳواڻي سيد نعيم شاھ،ساجد شاھ،سيد ڪاشف شاھ،ٽڪر شيخ،غلام علي ڪٽوهر،غلام مهدي ميمڻ ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا جن صحافين کي ٻڌايو ته پيٽرول جي اگھن ۾ معموليو واڌ ٿي آهي پر نفعي خور واپارين هٿرادو اٽي جا اگھ في ڪلو تي 30روپيا وڌائي ڇڏيا آهن جنهن بعد اٽي جو نئون اگھ 100روپيا في ڪلو وڪرو ٿي رهيو آهي جنهن ڪري مزدور ۽ پورهيت طبقو اٽو وٺي کائڻ کان قاسر پڻ بڻجي ويو آهي ۽ اٽو خريد ڪرڻ تمام ڏکيو بڻجي ويو آهن هنن چيو ته خيرپور ضلعي ۾ انتظاميا نالي ته ڪابه شئي ناهي رهي لا اينڊ آڊار جي حالت خراب ٿي چوڪي آهي هر ڪوئي واپاري پنهنجي منماني ڪري ٿو هنن ڊپٽي ڪمشنر خيرپور کان گھر ڪئي ته اٽي جا هٿرادو اگھ ختم ڪيا وڃن ۽ سرڪاراي اگھ تي اٽو وڪرو ڪيو وڃي نه ته ٻئي صورت ۾ غريب ۽ مزدور طبقو ڊي سي آفيس جو گھراءُ ڪندو جنهن جي زميواري ڊي سي خيرپور تي هوندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.