ميهڙ ۾امين مگسي جي ورسي، ڪانفرنس، ڪتاب جي مهورت

ميھڙ (ن ع آ) سنڌ جي نامياري اديب محقق عالم مصنف ۽ سنڌي ادبي سنگت ڪراچي جي اڳوڻي ضلعي رابطا سيڪريٽري محمد امين  مگسي جي پھرين ورسي سنڌي ادبي سنگت شاخ ميھڙ پاران ميھڙ جي ذائقا ھوٽل جي فدا حسين جانوري ھال ۾ ملھائي وئي ۔  محمد امين مگسي ادبي ڪانفرنس ۽ نوجوان اديب محقق آزاد انور ڪانڌڙو جي لکيل ڪتاب محمد امين مگسي ۽ ڳوٺ سوڀو خان مگسي جا مڻيادار ماڻھو جو مھورت به ٿيو تقريب ۾ محمد امين مگسي جي تصوير آڏو گل رکي ميڻ بتيون ٻاري ڀيٽا پيش ڪئي وئي ۔ تقريب کي صدارتي خطاب ڪندي نامياري اديب محقق ڊاڪٽر آزاد قاضي چيو ته محمد امين مگسي سنڌ دوست اديب محقق عالم مصنف ۽ قومي جبر ۽ ظلم خلاف جاکوڙيندڙ قلمڪار ھو سندس قلمي پورھئي ۽ ڪم کي اڳتي وڌائڻ جي ضرورت آھي ۔ ھن سنڌ امڙ جي ٿڃ ملھائي ۔ جيڪي ماڻھو قوم کي ڪجھ ڏيندا آھن اھي سدائين زندھ رھندا آھن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.