ملير ۾ کنڀيل قومي ڪارڪنن جي آزادي لاءِ احتجاجي مظاهرو

ملير (رپورٽ: جميل چانڊيو) سنڌ سجاڳي فورم ۽ وي ايم پي پاران سنڌ جي مختلف شهرن مان کنڀي گم ڪيل پٺاڻ خان زهراڻي، ساگر سعيد گاڏهي سميت ٻين قومي ڪارڪنن جي آزادي لاءِ ملير پريس ڪلب ڪراچي آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، مظاهري ۾ سول سوسائٽي سميت سنڌ سجاڳي فورم جي اڳواڻن ۽ کنڀي گم ڪيل جي وارثن شريڪ ٿي سخت نعريبازي ڪندي کنڀي گم ڪيل جي آزادي جو مطالبو ڪيو ويو، خبر موجب سنڌ سجاڳي فورم ۽ وي ايم پي پاران سنڌ جي مختلف شهرن مان کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪن پٺاڻ خان زهراڻي، ساگر سعيد گاڏهي سميت ٻين کنڀي گم ڪيلن جي آزادي لاءِ قائداعظم پارڪ اسٽيل ٽائون کان ريلي ڪڍي وئي ريلي جي اڳواڻي جيئي سنڌ قومي پارٽي ڪراچي ڊويزن جي صدر شاهد سومرو، سنڌ سجاڳي فورم جي اڳواڻ ياسين جهلڻ، عرفان خان زهراڻي ۽ وارثن پاران سخت نعريبازي ڪئي، ريلي ملير پريس ڪلب پهچڻ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو مظاهري کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته سنڌ مان قومي ڪارڪنن کي کنڀي گم ڪرڻ جو سلسلو بند نه ٿي سگهيو آهي سالن کان اسان جا پيارا کنڀي گم ڪيا ويا آهن ۽ سندن گهرن ۾ ڪهرام متل آهي، اسان حڪومت کان گهر ڪيون ٿا ته اسان جي پيارن کي آزاد ڪيو وڃي اگر مٿن ڪو ڪيس داخل آهي ته انهن کي عدالتن ۾ پيش ڪيو وڃي ته سندن وارث پنهنجن پيارن سان ملي سگهن ۽ هو پنهنجي پيارن جا ڪيس وڙهي سگهن، افسوس سان چوڻو پئي ٿو ته کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن کي آزاد ته نه ڪيو ويو آهي پر اڃا وڌيڪ قومي ڪارڪنن ۽ پورهيتن کي کنڀڻ جو سلسلو جاري آهي،هنن چيو ته اسان سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس ۽ وس وارن کي اپيل ڪيون ٿا ته خدارا اسان جي پيارن کي آزاد ڪري اسان کي انصاف فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.