سکر ۾ مريض عورت سان فراڊ، جعلي نرس واليون لاهي فرار

سکر(رپورٽر) سکر جي سول اسپتال ۾ علاج لاءِ داخل عورت جو جعلي نرس عورت کي مبينا نشو ڏئي واليون لاهي فرار ٿي وئي آهي، ان ڏس ۾ عورت جي مڙس سجاد ڀٽو جو چوڻ آهي ته نرس جي ڊريس پاتل عورت منهنجي زال کي باٿروم وٺي وئي جتي هن منهنجي گهرواري کي نشي واري انجيڪشن هڻي ڪنن ۾ پاتل واليون لاهي فرار ٿي وئي، جڏهن گهڻو وقت گذري وڃڻ کانپوءِ جڏهن باٿ روم کوليو ته زال بيهوشي واري حالت ۾ هئي جنهن جي اطلاع اسپتال انتظاميه ۽ پوليس کي پڻ ڏني آهي، هن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته نرس جي ڊريس پاتل عورت کي ڳولهي چوري ٿيل سامان واپس ڪرائي انصاف فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.