مبارڪپور ڀرسان نوجوانن جي اغوا واري مامري جو نبيرو،20 لک ڏنڊ

مبارڪپور( ن ع آ) مبارڪپور ٿاڻي جي حد درگاه جمن شاه ڳوٺ عيدن مائري مان 5 مهينا اڳ ٻن نوجوانن ظفر ۽ ولي محمد مائري جي اغوا واري مامري جو اوستا محمد بلوچستان ۾  حق باهو جي گادي نشين سيد خالد سلطان جي سرپئنجي هيٺ نبيرو ڪيو ويو. نبيري ۾ ڏوھاري ڌر شاه محمد ڪورار جي مٿان اغوا ڪرڻ جو الزام ثابت ٿيڻ تي مٿس 20 لک روپيه  ڏنڊ رکيو ويو.  ڏنڊ جي رقم ٽن قسطن ۾ ادا ڪئي ويندي جنھن ۾ 20هزار روپيه  ٿڏي تي ادا ڪيا ويا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.