سکر پوليس جي ڪارروائي، جوابدار گرفتار، گٽڪو هٿ

سکر( رپورٽر) سکر اي سيڪشن پوليس غزنوي پارڪ واري علائقي مان بچل شاهه مياڻي واسي محمد جنيد ولد محمد سليمان چوهاڻ  کي گرفتار ڪري سندس قبضي مان گٽڪي جون 2 ٿيلهيون هٿ ڪري مٿس ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته ساڳي ٿاڻي جي پوليس گشت دوران جوابدار امام بخش ولد سهڻو خان تيغاڻي کي گرفتار ڪري سندس قبضي مان گٽڪو ۽ مين پڙيون هٿ ڪري مٿس ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي.

  • احمدپور لڳ ٻن ڌرين وچ ۾ جهيڙو ٻن عورتن سميت 3 ڄڻا زخمي

احمدپور (ن ع آ) احمدپور لڳ ڳوٺ ڏانورو ڦلپوٽا ۾ ڦلپوٽا برادريء ٻن ڌرين وچ ۾ زمين جي مالڪي تان جهيڙو ٿي پيو آهي جنهن جي نتيجي ۾ لٺيون ۽ سروٽا لڳڻ  سبب ٻن عورتن اريشا ڌيءَ رشيد ڦلپوٽو، پيرسن وزيران خاتون زال شيرل ڦلپوٽو ۽ سليم ڦلپوٽو زخمي ٿي پيا آهن جن کي احمدپور ٿاڻي تان ليٽر وٺڻ بعد سندن علاج لاءِ پيرجوڳوٺ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي ٻئي طرف مسمات وزيران ڦلپوٽو جي فرياد تي برادري جي ٽن ڄڻن ياڪا عرف طالب، بابو عرف يوسف، فيض علي مٿان اين سي داخل ڪرائي وئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.