لاڙڪاڻي ۾ گم ٿيل شاگرد نه مليو، پيءُ جو معصوم ٻارڙن سميت احتجاج

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر جي مدينه ڪالوني جي رهواسي پورهيت پنهنجي معصوم نياڻين سان گڏجي 21 ڏينهن اڳ مبينا طور گم ٿي ويل نوجوان پٽ جي ڳولا ۾ مدد لاءِ پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. ان موقعي  تي پيرسن پورهيت گلزار علي ماڇي پنهنجي ڌيئرن چاندني ۽ چاهت سان گڏجي صحافين آڏو دانهيندي چيو ته گذريل 13 ڊسمبر جي ڏينهن منهنجو رڪشو هلائي پيٽ گذر ڪندڙ نوجوان پٽ وقار علي ماڇي شام جي وقت گهران واپس اچڻ جو چئي نڪري ويو جيڪو بعد ۾ گهر واپس نه آيو جنهن تي اسان اهڙو اطلاع حد جي الھ آباد ٿاڻي تي ڏنو پر پوليس پٽ جي ڳولا لاءِ ڪي به جوڳا قدم نه کنيا ان بعد مون پٽ کي مٽن، مائٽن ۽ سندس دوستن وٽ ڳولا به ڪئي آهي پر هن وقت تائين سندس جو ڪو به ڏس پتو نه پئجي سگهيو جنهن ڪري سمورا گهر ڀاتي سخت اذيت ۾ مبتلا آهيون. هن چيو ته منهنجو پٽ وقار علي ماڇي ٻارهين جماعت پڙهيل ۽ شادي شده آهي جنهن کي ٻن معصوم نياڻين ڏيڍ سالن جي عروج ۽ 7 مهينن جي اجالا جي اولاد آهي جيڪو ڪنهن به ڏوهه ۾ ملوث ناهي ۽ نه ئي سندس جو واسطو ڪنهن سياسي جماعت سان آهي هن وس وارن کي اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي گم ٿي ويل پٽ جي ڳولا ۾ اسان جي مدد ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.