عمرڪوٽ: 2021 ۾ 2000 ماڻھون ڪتن جي ڏاڙھڻ سبب زخمي

عمرڪوٽ (ڊ ر ) سال 2021 عمرڪوٽ جي شھرين جي لا انتھائي خراب ثابت ٿيو سال 2021 ۾ رولو ڪتن جي ڏھاڙي وڃڻ ۾ خطرناڪ حد تائين واڌ آئي سال ۾  2000ھزار کان وڌيڪ رولوڪتن جي ڏھاڙن کي سول اسپتال آندا ويا ضلعي جي ڪروڙن روپين جو بجٽ رکندڙ ميونسپل ڪميٽي۽ ٽاؤن ڪميٽيون  جي انتظاميه جي نااھلي جي ڪري رولو ڪتن جي ڏھاڙن جي واقعن ۾ مسلسل واڌ ٿيندي وئي انتظاميه سنڌ ھائي ڪورٽ جي حڪم کي به نظر انداز ڪري ڇڏيو اھڙو اظھار سول اسپتال جي ايم ايس ميڊيا سان ڳالھيندي چيو تي رولو ڪتن جي ڏھاڙي وڃڻ جي واڌ جي ڪري سول اسپتال عمرڪوٽ بجٽ تي دٻاؤ وڌي ويو بجٽ جو ڪافي حصو ڪتي جي ڏھاڙي وڃڻ جي ويڪسين تي خرچ ٿي ويو انسان سان گڏو گڏ جانورن جي وڏي تعداد ۾ رولو ڪتن جي ڏھاڙڻ جي ڪري زخمي ٿيا انتظاميه جي نااھلي جي ڪري ڪيترا معصوم ٻار زندگي وڃائي ويٺا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.