دادو ۾ سيشن جج پاران لوئر اسٽاف ملازم جي رٽائرمينٽ تي الوداعي تقريب، سڄاڻ ڌرين ۾ واکاڻ

دادو(رپورٽ:عزيز احمد ملڪ )دادو ۾ سيشن جج منومل کڳيجا انسانيت جو مثال قائم ڪندي دادو ڪورٽ جي لوئر اسٽاف ملازم جي رٽائرمينٽ تي الوداعي تقريب منعقدٰ ڪندي ڪورٽ جي ڪمري کان احاطي  تائين مٿس گل نڇاور ڪرايا.ملازم نائب قاصد ميوو سولنگي کي گلن جا ھار پارائي پنھنجي سرڪاري گاڏي ۾ پوليس پروٽوڪول ساڻ ڪري گھر روانو ڪيو،سيشن جج دادو منو مل کڳيجا پاران انسانيت کي مان ڏيڻ واري وڊيو وائرل ٿيڻ تي دادو سميت سنڌ جي سڄاڻ حلقن ايم پي اي بئريسٽر پير مجيب الحق. ٻٻر يوٿ ونگ چئرمين ياسرخان ٻٻر. سينئر صحافي سرور جلال سولنگي .ڊاڪٽر جبار ٻٻر. بار اڳواڻن ميمبرن.استاد تنظيمن ھرمڪتبه فڪر پاران ساراھيو پيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.