ڦل جي اسڪولن جون عمارتون زبون، ڇت مان سرون ڪرڻ لڳيون، تعليم متاثر

ڦل  ( رپورٽ: محمد بچل سومرو ) ڦل ڀرسان ڳوٺ الهڏتو جتوئي ۾ قائم قديمي پرائمري اسڪول جي عمارت زبون حال ٿي وئي اسڪول جي ڪمرن ۽ ورانڊي جي ڇت مان سرون ڪري پيون، جڏهن ته ان ئي ڳوٺ جي مڊل اسڪول  جي عمارت پڻ زبون ٿي وئي، جنهن جي عمارت ۾ هنڌان هنڌان ڏار پئجي ويا ۽ مڊل اسڪول جي گرائونڊ ۾ سم ۽ برسات جو پاڻي هر وقت بيٺل رهي ٿو، ان سلسلي ۾ ڳوٺاڻن ريٽائرڊ استاد الهجڙيو جتوئي، ممتاز علي لغاري، علي نواز جتوئي ۽ ٻين ميڊيا کي ٻڌايو ته اسان جي ڳوٺ جي پرائمري اسڪول ۽ مڊل اسڪول ۾ صرف هڪ هڪ استاد مقرر آهي جڏهن ته پرائمري اسڪول ۾ 150 کان مٿي ۽ مڊل اسڪول ۾ 100 کان مٿي ٻار داخل آھن ان کان علاوه ٻنهين اسڪولن جون عمارتون مڪمل طور تي تباهه حال آھن، جيڪي ڪيڏي مهل به اوچتو ڪري ڪو وڏو جاني نقصان ڪري ٿيون سگهن، وڏو وزير سنڌ سيد مراد علي شاهه، وزيرتعليم سيد سردار علي شاهه، سيڪريٽري تعليم، اي ڊي او تعليم ۽ ڊي سي نوشھروفيروز کان مطالبو ڪيو ته اسان جي ڳوٺ جي ٻنهين پرائمري ۽ مڊل اسڪولن جون عمارتون ٺھرائي اسڪولن ۾ وڌيڪ استاد ۽ ٻيو لوئر اسٽاف مقرر ڪري ڏنو وڃي نه ته اسان سخت احتجاج ڪنداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.