سيوهڻ لڳ مال چاريندڙ ڌنار جبل جي چوٽي تان ڪري فوت

سيوھڻ(ن ع آ) سيوھڻ تعلقي جي جھانگارا جي علائقي بڊو جبل ۾ مال چاريندڙ نوجوان  ڌنار لال محمد گائينچو مال چارييندي اوچتو پير  ترڪڻ سبب جبل جي چوٽي تان کاھي ۾ ڪري پيو ۽ موقعي تي فوت ٿي ويو، ڳوٺاڻن پاران اھڙو اطلاع فوتي جي وارثن کي ڏنو ويو جيڪي واقعي واري ھنڌ تان فوتي نوجوان جو لاش کڻائي گهر پھچايو ته قھرام مچي ويو ۽ گهر ڀاتين کي بيھوشي جا دورا لڳڻ لڳا، جنهن بعد فوتي کي آلين اکين سان مقامي قبرستان ڳوٺ بڊو جبل جي اباڻي قبرستان ۾ مٽيء ماء حوالي ڪيو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.