عادلپور لڳ ڪاهه، سهرو ۽ ڄاٽو تشدد بعد اغوا، پوليس خاموش

گهوٽڪي ( رپورٽ: آزاد مهر ) گهوٽڪي ويجهو عادلپور ڀرسان ڳوٺ ڌاماجي مان سهرو ۽ ڄاٽو مبينا طور اغوا ٿي ويا، خبر موجب عادلپور ٿاڻي جي حد مان مبينا طور اغوا ،25 سالن جو امجد علي جٽ ۽ سندس سهرو55 ورهين جو ذوالفقار جٽ جي اغوا جي  اين سي عادلپور ٿاڻي تي داخل ڪئي وئي آهي ،مسمات ثميرن جو چوڻ آهي ته عبدالغفورجٽ، فيض جٽ، اياز جٽ ۽ ٻيا اسان جي گهر اندر داخل ٿي منهنجي والد ۽ مڙس کي تشدد ڪري اغوا ڪري کڻي ويا، پوليس ڪا به ڪارروائي نه پئي ڪري، منهنجي والد ۽ مڙس کي بازياب ڪرايو وڃي ايس ايڇ او عادلپور صفيع الله انصاري جو چوڻ آهي ته هڪ ماڻهو گم ٿيل آهي، ٻئي جي خبر ناهي، ڌرين ۾ زمين جي مالڪي تان جهيڙو هلندڙ آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.