سکر لڳ دڪان تي چڙهائي، سامان ڦر، واپارين جو احتجاج

سکر(رپورٽ:اظهر علي دايو) گوليمار واري علائقي ۾ مختلف ٿاڻن جي پوليس اٽالن پاران ڪٻاڙي جي دڪان تي چڙھائي، گودام ڊاھي پٽ، لکين روپين جو سامان کڻي گم ڪري ڇڏيو، دڪاندار جو احتجاج. خبرموجب سکر جي گوليمار واري علائقي ۾ قائم محمد مراد گڏاڻي جي ڪٻاڙ واري دوڪان تي سکر جي سائيٽ ايريا، آباد، ايئرپورٽ، تماچي ٿاڻن جي پوليس اٽالن رات جو دير سان چڙھائي ڪري دوڪان جي ڀر ۾ قائم سندس ڪٻاڙ جي گودام کي ڊاھي پٽ ڪرڻ بعد لکين روپين جي ماليت جو سامان کڻي فرار ٿي ويا آھن. ان ڏس ۾ دوڪاندار محمد مراد گڏاڻي جو چوڻ آهي ته واپاري حاجي يامين، سليمان جي چوڻ تي ڊي ايس پي سائيٽ ايريا عبدالستار ڦل جي چوڻ تي مختلف ٿاڻن جي پوليس اٽالن منھنجي ڪٻاڙ واري گودام تي چڙھائي ڪري گودام ڊاھي پٽ ڪرڻ بعد 25 لک روپين کان وڌيڪ ماليت جو ڪاپر، سلور، لوھ، گاڊر، سريئا ۽ ٻيو سامان چوري ڪري ٽرڪ ۾ ڀري کڻي ويا آھن. ھن ٻڌايو ته حاجي يامين ۽ سليمان واري ڌر سان پوليس پاران ڊاٿل گودام جي مالڪي تان تڪرار ھلندڙ آھي ۽ اھڙو ڪيس پڻ ڪورٽ ۾ ھلي رھيو آھي. پوليس حاجي يامين واري ڌر جي چوڻ تي اسان جي گودام تي چڙھائي ڪري سامان کڻي وئي آھي. ھن آء جي سنڌ، ڊي آء جي سکر، ايس ايس پي سکر کان مطالبو ڪيو آھي ته گودام تي چڙھائي ڪري لکين روپين جو سامان چوري ڪندڙ پوليس اهلڪارن خلاف ڪيس داخل ڪري سامان واپس ڪرايو وڃي. ٻئي صورت ۾ ھاءِ ڪورٽ ۾ ڪيس داخل ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.