نصيرآباد ۾ صحافي عبدالمجيد بروھي جي سالگرھه تقريب

نصيرآباد (ن ع آ) تعلقي پريس ڪلب جي انفارميشن سيڪريٽري  سينيئر صحافي ڪالم نگار ليکڪ عبدالمجيد بروھي جي   سالگرا جو ڪيڪ ٽڳڙ ھائوس ۾ ڪاٽيو سينيئرصحافي محمداعظم ٽڳڙ پاران ڪوٺايل سالگرا تقريب ۾ قلمڪارن جن ۾ سرپرست اعلا تعلقا پريس ڪلب نصيرآباد حسين بخش جت صدر تعلقا پريس جي ايم مسڻ جنرل سيڪريٽري راجا ريحان لاشاري نائب صدر غلام رسول کوسو خزانچي روشن علي ڀٽي سينيئر صحافي بشيراحمد بروھي سينيئرصحافي محمد آصف ٻڌ علي حيدر ٽڳڙ علي اصغر بروھي ٻيا شريڪ ٿيا ان موقعي تي سالگرا جو ڪيڪ پڻ ڪاٽيو ويو .

  • غوثپور ڀرسان ٻن موٽرسائيڪلن وچ ۾ ٽڪر، عورت سميت 4 ڄڻا زخمي

غوثپور(ن ع آ) ڀرسان انڙ پل ويجھو مئن انڊس هائي وٽ تيز رفتار ٻن موٽر سائيڪلن وچ ۾ زور دار ٽڪر ٿي پيو۔ ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ ڳوٺ غلام رباني بجاراڻي جا رهواسي نينگر  آفاق احمد بجاراڻي. توفيق بجاراڻي. محمد عظيم بجاراڻي ۽ مائي شرمان سميت چار ڄڻا زخمي ٿي پيا آھن۔  زخمين کي واقعي بعد ڀر پاسي ۾ بيٺل ماڻهو  غوثپور جي سرڪاري اسپتال کڻائي ويا.جتي زخمين کي ابتدائي طبي امداد ڏئي آفاق بجاراڻي جي حالت ڳڻتي جوڳي هجڻ سبب کيس سکر جي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.