ڪنڌڪوٽ لڳ ھٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل،جوابدار فرار

ڪنڌڪوٽ (رپورٽ : ممتاز سنڌي+عرفان کوسو) ڪنڌڪوٽ رسالدار ٿاڻي  جي حد ستاويھ ميل جي گشڪوري واه وٽ موٽرسائيڪل تي ويندڙ نوجوان عبدالنبي کوسو جو ھٿياربندن اڳ وٺي مٿن فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو. اهڙي واقعي جي اطلاع تي مقتول جا وارث ۽ پوليس پھچي مقتول جو لاش کڻائي ڪنڌڪوٽ سول اسپتال پھچايو جتي مقتول جي والد صحبت کوسو ٻڌايو ته بنگوار ڌر جي ھٿياربندن ناحق منھنجي پٽ کي قتل ڪيو آهي بنگوارن جو اسان جي مائٽن سان سنڱاوتي مسئلو ھيو پر بنگوار ڌر جي هٿياربندن بيگناھ منھنجي پٽ کي قتل ڪري ظلم ڪيو آهي نوجوان جي لاش کي اسپتال مان ضروري ڪاروائي ڪرڻ بعد مقتول جو لاش گھر پھچڻ تي قھرام مچي ويو.هوڏانهن حد جي پوليس جو چوڻ هو ته نوجوان کي هٿياربندن قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا آهن پوليس جوابدارن جي پويان ويل آهي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ پوليس کين گهرن تي به چڙهائي ڪندي.جڏهن ته پوليس قاتلن جي گرفتاري عمل ۾ نه آڻي سگهي آهي ۽ نه ئي واقعي جو ڪيس داخل ٿي سگهيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.