ڳاڙھو ويجهو پوليس چڙھائي، ھڪ ڄڻو زخمي، احتجاج

ڳاڙهو  (ن ع آ) ڳاڙهو پوليس ايس ايڇ او پنهنجي عملي سان سول ڪپڙن ۾ هڪ ڪار ۾ سوار ٿي اڳوڻي چيئرمين خليفو الهڏنو جي ڳوٺ ۾ ڀٽو  مورجهريو جي گهر تي چڙهائي ڪري ڏني، جنهن تي ڳوٺاڻن پاران سخت مزاحمت ڪرڻ تي پوليس فائرنگ ڪري ڏني جنهن ۾ هڪ ڄڻو ڀٽو مورجهريو کي هٿن ۾ گوليون لڳڻ سبب زخمي ٿي پيو. پوليس جي اهڙي ڪاروائي کانپوء ڳوٺاڻن پاران احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي. انهي موقعي تي ڳوٺاڻن بابو مورجهريو، ڀٽو مورجهريو ۽ ٻين چيو ته اسان مزدور ماڻهو آهيون، پوليس بنا جواز اسان جي گهر تي چڙهائي ڪري چادر ۽ چوديواري جو تقدس پائمال ڪري فائرنگ ڪئي آهي. اسان ڊي آئي جي حيدرآباد، ايس ايس پي ٺٽو کان مطالبو ٿا ڪريون ته پوليس گردي جو نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي.ٻي پاسي ايس ايڇ او ڳاڙهو صحافين کي پنهنجو موقف ڏيندي چيو ته منشيات خلاف هلندڙ مهم تحت اسان کي اطلاع مليو ۽ ڄاڻايل گهر تي ڪاروائي ڪئي ۽ ماڻهن جي مزاحمت ڪرڻ تي اسان واپس موٽي آياسين ۽ پوليس پاران ڪا به فائرنگ نه ٿي آهي ڳوٺاڻن جو الزام بي بنياد آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.