”پرامن ڌرڻو ختم ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته سڄي شهر ۾ ڌرڻا هڻنداسين“

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي مڪاني قانون خلاف صوبائي اسيمبلي ٻاهران جماعت اسلامي جو ڌرڻو ٽئين ڏينهن به جاري آهي.

جماعت اسلامي ڪراچي جي امير حافظ نعيم الرحمان ڌرڻي سان خطاب ڪندي چيو ته مرتضيٰ وهاب ڪير ٿيندو آهي ڌرڻي جي جاءِ تبديل ڪرائڻ وارو؟ اڃا ته ڌرڻي جي شروعات آهي، توهان هاڻ ئي گهٻرائجي ويا آهيو، اسان ڪراچي کي وڏيرن کان آجو ڪرائڻ چاهيون ٿا.

هن چيو ته جيڪڏهن ڪنهن حالتون خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڪرپشن جي اڏي سيڪريٽريٽ کي بند ڪري ڇڏينداسين، جماعت اسلامي حقيقي اپوزيشن طور ڪراچي جي عوام سان گڏ آهي.

سندس چوڻ هو ته پرامن ڌرڻو ڪراچي سميت سڄي سنڌ جي عوام لاءِ آهي، جيڪڏهن پرامن ڌرڻي کي ختم ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته سڄي شهر ۾ ڌرڻا هڻنداسين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.