هر گهر ۾ روزانو کاڌي ۾ استعمال ٿيندڙ سُنڍ عام طور ڪيترن ئي ايشيائي ملڪن ۾ سياري ۾ زڪام خلاف قدرتي دوا طور به استعمال ٿيندي آهي ۽ ان جا نتيجا به گهڻو بهتر هوندا آهن.
ان کي هاڻ سائنسدانن به تسليم ڪري ورتو آهي ۽ جرنل آف ايٿنوفراماڪولوجي ۾ شايع ٿيندڙ هڪ تحقيق ۾ ٻڌايو ويو آهي ته تازي سُنڍ ۾ ساهه جي نالين جي انفيڪشن خلاف خاصيتون ملن ٿيون.
سنڍ ڳلي جي سوڄ ۽ کنگهه مان جند ڇڏائڻ لاءِ به چانهه ۾ وجهي استعمال ڪري سگهجي ٿي.
سُنڍ کي هاضمي جي نظام کي درست ڪرڻ سبب چين جي طب ۾ وڏو مقام مليل آهي.
اها شگر جي اعليٰ سطح کي منظم ڪرڻ ۽ پيٽ کي راحت ۾ رکڻ ۾ مدد ڪري ٿي، ان کانسواءِ کاڌي ۾ موجود جسم جي لاءِ فائدي وارن جُزن کي ڪارائتو ڪرڻ ۾ به مددگار آهي.
هڪ سائنسي تحقيق ۾ پتو پيو آهي ته سُنڍ وزن کي گهٽ ڪرڻ واري عمل کي تيز ڪري ٿي ۽ ٿولهه خلاف اوهان جي ميٽابولزم کي به مضبوط ڪري ٿو.