آمريڪي رياست ڪولوراڊو ۾ ٻيلن کي باهه، هزار گھر سڙي رک

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي رياست ڪولوراڊو ۾ ٻيلن کي باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ هڪ هزار گھر سڙي  ۽ 3 ڄڻا گم ٿي ويا آهن.

آمريڪي رياست ڪولوراڊو ۾ ٻيلن جي باهه لڳڻ سبب گھٽ ۾ گھٽ 3 ڄڻا گم ٿي ويا آهن جن جي فوت ٿيڻ جو خدشو آهي.

اختيارين موجب باهه لڳڻ سبب سپيريئر، لوئزويلي ۽ ٻين علائقن ۾ هڪ هزار جي ويجهو گھر سڙي رک ٿي ويا.

اها باهه خميس ڏينهن صبح جو ڊينوور کان اتر واري حصي مان شروع ٿي هئي ۽ تيز هوائن سبب اهو رڳو ٻن ڪلاڪن ۾ 6 هزار ايڪڙن تائين پکڙجي وئي هئي.

مقامي اختيارين موجب هزارين ماڻهن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي، باهه لڳڻ جا سبب ڄاڻڻ لاءِ جاچ جو عمل جاري آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.