هڪ ڪوئو ڪورونا فنڊ جا 40 ارب رپيا کائي ويو: سعيد غني

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي اطلاعات واري وزير سعيد غني چيو آهي ته عمران خان جنهن جو چيف پولنگ ايجنٽ هو، ان جي دور ۾ ڪڻڪ جي چوري ٿي.

وفاقي وزير اسد عمر جي بيان تي ردعمل ڏيندي سعيد غني چيو ته ڪڻڪ چوري جو نوٽيس پ پ جي وزير ورتو هو ۽ صوبائي حڪومت ئي نيب کي جاچ لاءِ لکيو هو.

هن چيو ته سنڌ حڪومت ڪڻڪ چوري ڪندڙ ڪوئن کي پڪڙيو هو، جن مان هڪ ڪوئو ڪورونا فنڊ جا 40 ارب رپيا کائي ويو آهي.

سندس موجب ان ڪوئي ايل اين جي جي خريداري ۾ قوم جا 6 سئو ارب رپيا چوري ڪيا، ڪجهه ڪوئن ملڪ ۾ کنڊ ۽ ڪڻڪ جو بحران پيدا ڪيو.

واضح رهي ته رٿابندي بابت واقي وزير اسد عمر ڪرايچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو هو ته سنڌ حڪومت جي نااهلي ۽ ڪرپشن سبب عوام مهانگو اٽو خريدڻ تي مجبور آهي، نيب جي رپورٽ چئي ٿي ته جنهن وقت سنڌ جو عوام مهانگو اٽو خريد ڪري رهيو هو، ان وقت 20 ارب رپين جي ڪڻڪ چوري ٿي رهي هئي ۽ سنڌ حڪومت جو چوڻ آهي ته اها ”ڪوئا“ کائي ويا، خبر ناهي اهي ڪوئا انساني نوعيت جا هئا يا ٻيا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.