”نواز شريف ۽ شهباز شريف خلاف روز بيان ڏيڻ حڪمرانن جي وائڙائپ جو ثبوت آهي“

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته نواز شريف علاج مڪمل ٿيڻ کانپوءِ ڊاڪٽرن جي اجازت سان ئي واپس موٽندو.

وفاقي وزير فواد چوڌري جي بيان تي ردعمل ڏيندي مريم اورنگزيب چيو ته نواز شريف پنجاب حڪومت جي سفارش تي ۽ عدليا جي اجازت سان ٻاهر ويو.

هن چيو ته شهباز شريف خلاف عمران خان جو لڳايل ڪو الزام ثابت نه ٿيو، نواز شريف ۽ شهباز شريف خلاف روز بيان ڏيڻ حڪمرانن جي وائڙائپ جو ثبوت آهي.

سندس چوڻ هو ته حلفي بيان تي ڪارروائي جو چوڻ نيب نيازي ڳٺ جوڙ ۽ ايف آءِ اي جي ناڪامين جو اعتراف آهي، اٽارني جنرل کي کنڊ، بجلي، گئس ۽ دوائون چوري ڪندڙن خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏيو، ڪرپشن، مني لانڊرنگ، عوام تي مهانگائي جو ظلم ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪيو.

واضح رهي ته ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته شهباز شريف، نواز شريف کي واپس آڻي يا جعلي حلف نامي تي ان خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، هاءِ ڪورٽ کي ان معاملي تي پاڻمرادو نوٽيس وٺي شهباز شريف کي گهرائڻ گهرجي، وفاقي حڪومت ان معاملي تي شهباز شريف خلاف قانوني ڪارروائي جو فيصلو ڪيو آهي، سندس خلاف عدالتي ڪارروائي لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست ڪئي ويندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.