سعودي ۽ گڏيل عرب امارتن ۾ ڪورونا ڪيسن ۾ تيزي سان واڌ  

رياض/ابوظهبي (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب ۽ گڏيل عرب عمارتن ۾ ڪورونا وائرس جي ڪيس تيزي سان اضافو ٿي رهيو آهي.

سعودي عرب ۾ نون ڪورونا وائرس ڪيسن جو روزانو انگ هڪ هزار کان ٽپي ويو آهي جڏهن ته پاڙيسري ملڪ گڏيل عرب امارتن ۾ اهو انگ اڍائي هزار کان وڌيڪ چڪو آهي. پر ٻنهي نار عرب ملڪن ڪورونا وائرس بابت ڪا به ڄاڻ جاري ناهي ڪئي.

30 ملين آبادي واري سعودي عرب ۾ هڪ ڏينهن دوران 1،024 نوان ڪيس جڏهن ته ڪووڊ سبب هڪ فوتگي رڪارڊ ڪئي وئي آهي ۽ گڏيل عرب عمارتن ۾ هڪ ڏينهن دوران نون ڪيسن جو انگ 2600 رڪارڊ ڪيو ويو آهي ۽ وبا سبب 3 فوتگيون پڻ رڪارڊ ڪيون ويون آهن.

واضح رهي ته سعودي عرب ۾ سيپٽمبر ۾ روزانو ڪيسن جو انگ هڪ سئو کان گھٽ سطح تي اچي ويو هو جڏهن ته گڏيل عرب عمارتن ۾ ائين آڪٽوبر ۾ ٿيو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.