وفاقي حڪومت جو سنڌ جي مڪاني ترميمي بل خلاف عدالت وڃڻ جو اعلان

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) رٿابندي بابت وفاقي وزير اسد عمر سنڌ جي مڪاني ترميمي بل کي رد ڪندي ان خلاف عدالت وڃڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اسد عمر چيو سموري اپوزيشن ۾ اتفاق آهي ته اهو سنڌ ۽ ملڪ دشمن قانون آهي، سنڌ جو پراڻو مڪاني قانون آئيني شرطن تي نه لهندو هو ۽ اهو به اسان جي خيال ۾ غير آئيني هو، جيستائين اختيار هيٺين سطح تي منتقل نٿا ڪيا وڃن مسئلا رهندا.

هن چيو ته اهڙو نظام چاهيون ٿا، جنهن ۾ مقامي حڪومتون بااختيار هجن، سنڌ جي حقن لاءِ آواز اٿاريندا رهنداسين، نئين مڪاني بل خلاف پٽيشن تيار ڪري رهيا آهيون، اسان عدالت وينداسين ۽ هر سطح تي ڀرپور مزاحمت ڪنداسين.

سندس چوڻ هو ڪورونا جي معاملي سياست نٿو ڪرڻ چاهيان، وفاقي حڪومت ويڪسينيشن مهم لاءِ 250 ارب رپيا خرچ ڪيا، سنڌ حڪومت جي اڳواڻن طرفان چيو ويو ته قانون صوبائي حڪومت کي ويڪسين خريدڻ کان روڪي ٿو پر اهڙو ڪو قانون ناهي، جيڪو صوبي کي پنهنجي ماڻهن لاءِ ويڪسين خريد ڪرڻ کان روڪي.

اسد عمر چيو ته سنڌ حڪومت جي نااهلي ۽ ڪرپشن سبب عوام مهانگو اٽو خريدڻ تي مجبور آهي، نيب جي رپورٽ چئي ٿي ته جنهن وقت سنڌ جو عوام مهانگو اٽو خريد ڪري رهيو هو، ان وقت 20 ارب رپين جي ڪڻڪ چوري ٿي رهي هئي ۽ سنڌ حڪومت جو چوڻ آهي ته اها ”ڪوئا“ کائي ويا، خبر ناهي اهي ڪوئا انساني نوعيت جا هئا يا ٻيا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.