محمد حسنين بگ بيش ليگ جي پهرين ئي ميچ ۾ پنهنجي هاڪَ ويهاري ڇڏي

 

سڊني (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي نوجوان فاسٽ بالر محمد حسنين بگ بيش ليگ ۾ ڊيبيو ميچ ۾ ئي شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪري پنهنجي هاڪَ ويهاري ڇڏي.

محمد حسنين سڊني ٿنڊرز طرفان کيڏيندي پهرئين ئي اوور ۾ 3 وڪيٽون ورتيون ۽ هڪ به رنس نه ڏني، هن پنهنجي پهرئين اوور جي ٻئي، ٽئين ۽ پنجين بال تي وڪيٽ ورتي.

قومي ٽيم جي فاسٽ بالر مقرر 4  اوورن ۾ هڪ ميڊن اوور سان گڏ 20 رنسون ڏئي 3 شڪار ڪيا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.