ويوو طرفان نئين سال جو پهريون بهترين فون وڪري لاءِ پيش

ويوو 2022ع جي شروعات واءِ سيريز جي مڊرينج فون واءِ 21 ٽي کي متعارف ڪرائي ڪئي آهي.

پهريان اميد ڪئي پئي وڃي ته اها نئين سمارٽ فون 3 جنوري تي ڀارت ۾ متعارف ڪرائي ويندي پر ڪمپني ان کي انڊونيشيا ۾ پهريان پيش ڪيو آهي.

بنيادي طور تي اها فون واءِ 33 ايس آهي پر ان ۾ پراسيسر، اسڪرين ۽ سيلفي ڪيمرا مختلف آهن.

واءِ 33 ايس ۾ ميڊيا ٽيڪ جو هيليو جي 80 پراسيسر ڏنو ويو هو جڏهن ته واءِ 21 ٽي ۾ سنيپ ڊراگون 680 پراسيسر موجود آهي.

اهڙيءَ طرح واءِ 33 ايس ۾ 6.58 انچن جي ايل سي ڊي ڊسپلي موجود هو جڏهن ته نئين فون ۾ 6.51 انچن جي اسڪرين ڏني وئي آهي جيڪا ايڇ ڊي پلس ريزولوشن کي سپورٽ ڪري ٿي.

فون جي فرنٽ تي 8 ميگا پڪسل سيلفي ڪيمرا واٽر ڊراپ نوچ ڊزائين ۾ ڏنو ويو آهي.

واءِ 21 ٽي ۾ اينڊرائيڊ 11 آپريٽنگ سسٽم کي فن ٽچ او ايس 12 سان ليس ڪيو ويو آهي.

6 جي بي ريم ۽ 128 جي بي اسٽوريج فون جو حصو آهي جنهن ۾ مائڪرو ايس ڊي ڪارڊ سان هڪ ٽي بي تائين اضافو ڪري سگھجي ٿو.

5000 ايم اي ايڇ بيٽري سان گڏ 18 واٽ فاسٽ چارجنگ سپورٽ ڏني وئي آهي جڏهن ته فنگر پرنٽ اسڪينر سائيڊ تي موجود آهي.

فون جي بيڪ تي 3 ڪيمرائن جو سيٽ اپ موجود آهي.

فون جي مين ڪيمرا 50 ميگا پڪسل جي آهي جنهن سان گڏ 2 ميگا پڪسل ميڪرو ۽ 2 ميگا پڪسل ڊيپٿ ڪيمرا ڏنيون ويون آهن.

ان فون کي انڊونيشيا ۾ 215 ڊالرن (38 هزار پاڪستاني رپين کان وڌيڪ) ۾ وڪري لاءِ پيش ڪيو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.