ليونل ميسي به ڪورونا وائرس جو شڪار

ارجنٽائن جو فٽبال اسٽار ليونل ميسي به ڪورونا وائرس جو شڪار ٿي ويو.

فرانسيسي فٽبال ڪلب پيرس سينٽ جرمين (پي ايس جي) تصديق ڪئي آهي ته هنن جي ٽيم ميمبر ليونل ميسي ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي آهي.

پي ايس جي ڪلب طرفان هڪ بيان ۾ چيو ويو آهي ته ميسي سميت 4 رانديگرن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي آهي جنهن کان پوءِ رانديگرن  کي قرنطينا ڪيو ويو آهي ۽ ڊاڪٽر سندن صحت جي نگراني ڪري رهيا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.