صبور علي ۽ علي انصاري جي شادي جي تاريخ منظر تي اچي وئي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان شوبز جي مشهور ۽ خوبصورت جوڙي اداڪارا صبور علي ۽ اداڪار علي انصاري جي شادي جي تاريخ منظر تي اچي وئي.

صبور علي ۽ علي انصاري گذريل سال مئي ۾ مڱڻي ڪئي هئي، ٻنهي جي مڱڻي جي تقريب ۾ ويجهن دوستن ۽ گھرڀاتين شرڪت ڪئي هئي. صبور علي ۽ علي انصاري مڱڻي جو تصويرون سوشل ميڊيا تي شيئر ڪري سڀني کي خوشخبري ٻڌائي هئي.

۽ هاڻ ٻنهي جي شادي جي تاريخ سامهون اچي وئي آهي. اداڪارا منال خان پنهنجي مڙس احسن محسن اڪرام سان گڏ هڪ شو ۾ شرڪت ڪئي.

شو ۾ هڪ گيم دوران احسن محسن اڪرام کي صبور علي کي هڪ مشورو ڏيڻو هو پر  احسن محسن صبور علي کي مشورو ڏيڻ بدران کيس شادي جي مبارڪ ڏني.

ان موقعي تي احسن خان صبور علي ۽ علي انصاري جي شادي جي تاريخ ٻڌائيندي چيو ته سندن شادي جنوري 2022 ۾ ٿيندي جنهن تي منال خان چيو ته جي ها اها ڳالهه ته سڀني کي خبر آهي.

واضح رهي ته اهو ته طئي ناهي ته جوڙي جي شادي انهيءَ مهيني ٿي رهي آهي پر ٻنهي اڃا تائين کي ڳجهه ۾ رکيو آهي. جنهن سبب مداحن ۾ تجسس وڌندو پيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.