نواز شريف ۽ ان جي ٻارن کي به صحت ڪارڊ ڏينداسين: ياسمين راشد

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي صحت واري وزير ياسمين راشد چيو آهي ته صوبي ۾ صحت ڪارڊ جاري ڪرڻ جو عمل تيزيءَ سان جاري آهي، نواز شريف ۽ ان جي ٻارن کي به صحت ڪارڊ ڏينداسين.

لاهور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ياسمين راشد چيو ته نجي اسپتالن ۾ به هيلٿ ڪارڊ رکندڙ مريض اچي رهيا آهن، صحت ڪارڊ گهر جي سربراهه کي ملندو، خاندان جا سربراهه ٻارن جي داخلا يقيني بڻائن.

هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته نواز شريف ۽ ان جي ٻارن کي به صحت ڪارڊ ڏينداسين.

سندس چوڻ هو ته اومي ڪرون تيزيءَ سان پکڙجندو آهي، تنهن ڪري وڌيڪ ماڻهو متاثر ٿي سگهن ٿا، اومي ڪرون سبب ڪيس وڌي رهيا آهن، پنجاب ۾ اومي ڪرون جا 170 ڪيس آهن.

ياسمين راشد ٻڌايو ته لاهور ۾ ڪوروان جي هاڪاري ڪيسن جي شرح 3.8 سيڪڙو آهي، اومي ڪرون کان بچاءَ لاءِ ماسڪ جو استعمال ۽ سماجي وٿي يقيني بئائڻ ضروري آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.