موجوده حڪومت ماڻهن کي بيوقوف بڻائي رهي آهي، مشي خان جي تنقيد

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني اداڪارا مشي خان ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي ۽ حڪومت ناقص معاشي پاليسين تي ڏمرجي پئي.

اداڪارا مشي خان پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي هڪ وڊيو شيئر ڪئي آهي جنهن ۾ ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي ۽ ناقص معاشي پاليسين تي حڪومت تي ڇتي تنقيد ڪئي آهي.

مشي خان چيو ته مون کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته جيڪا موجوده حڪومت آهي اها پنهنجي نااهلي ڪهڙي طرح ثابت ڪري رهي آهي اهو چيو پيو وڃي ته مهانگائي ۽ پيٽرول اگھه ٻاهرين ملڪن آمريڪا، آفريقا، انگلينڊ، روس ۾ وڌي ويا آهن.

هن چيو ته اوهان اتان جو لائيف اسٽائل به ڏسي وٺو، ٻاهرين ملڪن ۾ ملازم به گاڏين ۾ ايندا آهن ۽ ٿانو ڌوئي ويندا آهن جڏهن ته هتان جو مئنيجر ويچاري کي جيڪا پگھار ملندي آهي ان ۾ هو مهينو ڪيئن پورو ڪندو اهو ان کان پڇي وٺو.

اداڪارا جو چوڻ هو ته اوهان ڪهڙي غلط فهمي ۾ ٿا رهو ۽ ٻاهرين ملڪن جي لائيف اسٽائل جي ڀيٽ پنهنجي ملڪ جي لائيف اسٽائيل سان ٿا ڪيو. هتي ماني، پاڻي هر شيءِ ماڻهن جي پهچ کان پري ٿي وئي آهي تنهنڪري مهرباني ڪري اوهان ماڻهن سان نه ڀيٽِيو.

مشي خان حڪومتي نمائيندن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته روز عورتون ۽ مرد ٽي وي تي اچي اسان سڀني کي بيوقوف بڻائي ابتيون سبتيون ڳالهيون ڪري هليا وڃن ٿا. ۽ اسان جي ڀيٽ ٻاهرين ملڪن سان ڪن ٿا. خدا جي واسطي اوهان ڪري ڇا رهيا آهيو؟ اوهان کي خبر ئي نه آهي ته اوهان ڇا ڪري رهيا آهيو. ڇو جو اوهان ذميواريون هڪ ٻئي تي مڙهي رهيا آهيو. هن هي چيو، گذريل حڪومتن هو ڪيو، اوهان پاڻ ڇا ڪيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.