ڪراچي سميت ملڪ جي ٽن وڏن شهرن ۾ اومي ڪرون تيزيءَ سان وڌڻ لڳو

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي ٽن وڏن شهرن اسلام آباد، ڪراچي ۽ لاهور ۾ ڪورونا وائرس جي نئين قسم اومي ڪرون جي ڪيسن ۾ تيزيءَ سان واڌ ٿيڻ لڳي.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينيٽر موجب ڪراچي، لاهور ۽ اسلام آباد ۾ ڪورونا جي ڏکڻ آفريقي قسم جي ڪيسن ۾ تيزيءَ سان واڌ نظر اچي رهي آهي.

سرڪاري انگن اکرن موجب اسلام آباد ۾ هيل تائين اومي ڪرون جي 64 ڪيسن جي تصديق ٿي چڪي آهي، جڏهن ته پنجاب ۾ اومي ڪرون جي 50 ڪيسن مان 49 جو واسطو رڳو لاهور سان آهي.

ڪراچي جي علائقي گلشن اقبال بلاڪ 7 ۾ اومي ڪرون جا 11 ڪيس سامهون اچڻ کانپوءِ 14 جنوري تائين مائڪرو سمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو ڪيو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.