ڇا مهانگائي اڳي گهٽ هئي جو وري مني بجيٽ آندي وئي؟

تحرير؛محمد خالد ميمڻ

عمراني حڪومت جي ٽن سالن ۾ ملڪ اندر ايتري ته مهانگائي چوٽ چڙهي وئي آھي جو غريب ويتر غريب ۽ امير ويتر امير ترين ٿي ويو آھي اڳ ئي جان بچائڻ واريون دوائون، کاڌي پيتي جون عام واهپي جون شيون، بلڊنگ مٽيريل، سميت هر هڪ آئٽم سئو سيڪڙو کان به مٿي مهانگو ٿي ويو آھي. ان مهانگائي جي چڪي ۾ عام ماڻھو صفا ائين پيسجي رهيو آھي جيئن ڪڻڪ اٽي جي مشين ۾ پيسبي آھي مهانگائي جي ڪري عوام صفا پيسجي نپوڙجي ويو آھي جنهن جي ڪري ملڪ اندر روزانپ خودڪشين جا واقعا عام ٿي ويا آھن ۽ مڇي ماني کائڻ جهڙا خاندان رستي تي اچي ويا آھن. ملڪ جو نوجوان طبقو غلط ڪمن چوري ڌاڙا منشيات جو وڪرو ۽ منشيات واپرائڻ جهڙن ڪمن تي لهي پيو آھي جڏهن  ته فصلن ۾ استعمال ٿيندڙ ڀاڻ جي هٿرادو مهانگائي جي ڪري آبادگار هاري پڻ سخت پريشان آھن جن کي 1768 واري اينگرو يوريا جي ٻوري 3 هزار روپين ملي رهي آھي عام واهپي جون شيون ڪوڪنگ آئل، کنڊ، اٽو، گيھ، بسڪيٽ، ڪيڪ، سڪل کير، مرغي، بيدن سميت ضروريات زندگي جي هر شئ عوام جي خريد کان زور ٿي وئي آھي ۽ هر پندرهين ڏينهن پئٽرول جو اگھ وڌنڌو پيو وڃي بجلي گيس جون قيمتون آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيون آھن پر هنن حڪمرانن کي پاڻ ۾ وڙھڻ هڪٻئي خلاف بنيان بازي ڪرڻ هڪٻئي تي الزام هڻڻ کان سوا ٻيو ڪوبه ڪم ڪرڻ نه ٿو اچي وري ان خوفناڪ صورتحال جي هوندي قومي اسيمبلي ۾ مني بجيٽ پيش ڪرڻ ڄڻ ته عوام کي سڌي گولي هڻڻ برابر آھي عوام ڀلا هنن حڪمرانن جو ڏوه ڪهڙو ڪيو آھي جو اهي عوام کي سک سان رهڻ ۽ جيئڻ ڇو نه ٿا ڏين ڪنهن به رياست جو ڪم ان رياست ان ملڪ جي عوام جي لاءِ سهولتون آسانيون فراهم ڪرڻ هوندو آھي کين تعليم صحت سميت ٻيون بنيادي ضرورتون مفت ۾ فراهم ڪرڻ فرضن ۾ شامل هوندو آھي.

پر افسوس هتي اسان جي پياري ملڪ پاڪستان ۾ سڀ ڪجهھ ابتو ٿئي ٿو پيو جيڪا به حڪومت اچي ٿي اها عوام مٿان ڳرا ڳرا ٽيڪس مڙهي ٿي ۽ عوام جي مشڪلاتن ۾ ڪمي بجائي واڌارو ٿي ڪري هي جيڪا مني بجيٽ پيش ڪئي وئي آھي ان ۾ به عام واهپي جون شيون مهانگيون ڪيون ويون آھن جن ۾ دوائون، کير، ڏهي، ڀاڄيون، مصالحه، ڊبل روٽي، بيڪري جو سامان، ريسٽورنس جو سامان، مکڻ، ڪوڪنگ آئل، گيھه، مٺائي مطلب ته سڀ بنيادي ضروريات زندگي جون سڀ شيون مهانگيون ڪيون ويون آھن انڪري هن مني بجيٽ کي عوام مٿان بم ڪرائڻ چئي سگهجي ٿو ۽ وري حڪمرانن جا دل ڏکوئيندڙ بيان ته 2 ارب روپين جو بار ڪهڙو بار آھي ٻڌي ويتر دل رت جا ڳوڙها روئي ٿي ته هنن حڪمرانن کي عوام جي ڏکن دردن تڪليفن اهنجن جي ڪا ڳڻتي ناهي.

 هي حڪمران جن  حڪومتي عهدن تي رهندي پنهنجيون ذاتي ملڪيتون ايتريون ته ٺاهيون آھن جو سندن هتي ملڪ ۾ ملڪيتون ۽ ڪاروبار سان گڏ ملڪ کان ٻاهر به ڪاروبار ۽ ملڪيتون آھن سندن اولاد ٻاهرين ملڪن ۾ تعليم پرائين ۽ رهن ٿا انهن کي هتان جي عوام جي دردن تڪليفن جي ڪهڙي خبر هوندي ۽ جيڪڏهن  اهڙا بي حس حڪمران اڃان به اقتدار ۾ رهيا ته عوام جي تڪليفن ۾ اڃان به اضافو ئي ٿيندو انڪري هاڻي هن حڪومت کي آڻيندڙن لڪل هٿن ۽ خود عوام کي به سوچڻو پوندو ۽ عوام کي گهرن مان نڪري ڪري هن عوام دشمن حڪمرانن خلاف تيستائين احتجاج ڪرڻو پوندو جيستائين هي ڪرسي نه ٿا ڇڏين ۽ اڳتي اقتدار  ۾ عوام دوست مڊل ڪلاس مان اميدوارن کي آڻي انهن کي ووٽ ڏئي اقتدار جي ڪرسي تي ويهارين جيڪي عوام جي اهنجن تڪليفن دردن کي سمجهن ۽ انهن کي حل ڪرڻ لاء ڪوششون ڪن باقي نه ته هي عوام جي تڪليفن کان بي خبر حڪمران عوام جي مٿان اڃان به مهانگائي جا بم ڪيرائي کين نيست و نابود ڪرڻ ۾ ڪابه ڪسر ڪونه ڇڏيندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.