چئُه! جو توکي چوڻو آ……

تحرير؛ڊاڪٽر نوريز چانڊيو

مظلومن جو آواز فقير علي مراد کهاوڙ

جيڪو سنڌ کان وٺي دنيا جا خيال رکندو هيو شھيد ڀٽو ۽ شھيد بينظير ڀٽو جو ويجهو ساٿي ۽ وڪيل خاتون جنت فقير علي مراد جي کهاوڙ جيڪو پهرين جنوري تي فقير غلام حيدر خان کهاوڙ جي گهر جنم ورتو، ۽ ننڍ پڻ کان ئي تمام ذھين هوندو هو،

فقير سائين جڏهن 4 سالن جو ٿيو ته سندس جي والد صاحب مين پرائمري اسڪول وارھ ۾ داخل ڪرايو ۽ هاءِ اسڪول وارھ ۾ انٽر پاس ڪرڻ کان پوءِ بي اي ۾ داخلا ورتي ۽ پوءِ لاڙڪاڻي لا ڪاليج مان ايل ايل بي پاس ڪئي، 1967 ۾ ڀٽو صاحب پيبلز پارٽي ٺاهي فقير سائين ان ۾ شامل ٿيو ۽ آخري دم تائين پي پي پي سان وفا ڪئي پر پ پ وارن اهڙي عظيم بهادر جيالي جو قدر نه ڪيو،

فقير سائين پيپلز پارٽي جو ادنيٰ ڪارڪن هيو ان جمهوريت جي بحالي ۽ شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جي گرفتاري خلاف 1977 ۾ پيش ڪري اڊيالا جيل ويو ، جيل جون سختيون برداش ڪيائين ۽ ڪوڙا کاڌا ، ۽ محترمه کي چيائين ته غريب ڪارڪنن سان ملي ضياء جهڙي آمر خلاف جدوجهد ڪر، محترمه ائين ته ڪيو ۽ ملڪ جي حڪمران بڻي ۽ فقير سائين سان گهر اچي ملي ۽ فقير سائين جو شڪريو ادا ڪيائين،

فقير سائين محترمه کي چيو غريب ڪارڪنن کي نوڪريون ڏئي انهن کي خوشحال بڻائي  ۽ وارھ تعلقي جي اولھندي پٽي جبلن ۾ تيل گئس ۽ ٻيا معدني وسيلا آھن انهن تي ڪم ڪر اتي سيمنٽ جون فيڪٽريون ۽ پاٺي جا ڪارخانا لڳائي مقامي ماڻھن کي روزگار ملي ۽ علائقو خوشحال ٿئي،

پر محترمه غريب بجاءِ سردارن ۽ وڏيرن کي ٽڪيٽون ڏئي اسيمبلي ۾ آندو، اهي مظلومن جا مارا بڻجي 38 سالن کان سنڌ کي لٽي رهيا آھن، فقير سائين چيو ته قرباني ڏيندڙ غريب ڪارڪنن کي ٽيڪيٽون ڏيو،

پر محرمه کي وارھ لاءِ فقير علي مراد کهاوڙ، عبداللطيف مساواتي، محمد جمن چنه، سائين نور الله ابڙو، فقير الله ڏنو وڳڻ بجاءِ تحريڪ استقلال جي ڀڳوڙي ڀٽو جي قتل تي خوشيون ملهائيندڙ نثار کهڙو کي وارھ MPA جي ٽيڪيٽ ڏني قمبر شھداد ڪوٽ ۾ چانڊيا مگسي سردارن کي مضبوط ڪيو،

ان جو صلو اڄ سامهون آھي، جو نثار کهڙو گهر جي پولنگ به هارائي ويو آھي، چانڊيا مگسين جون چڱايون به عوام کان لڪل نه آھن تيل گئس فيڪٽريون ڪمپنيون وغيره ۾ علائقي واسي نو انٽري آھن ۽ اڄ نثار کهڙو ٿو چوي ته سنڌ جا ڊوميسائيل برمين بنگالين ۽ دنيا جي رولاڪن کي ڏنا وڃن، مان ان جي حمايت ٿو ڪريان افسوس ٿيڻ کپي پيپلز پارٽي جي قيادت کي جو اهڙي ماڻهوءَ کي سنڌ جو صدر بڻايو ويو آھي، ۽ سنڌ جي قومپرست نوجوانن جي خون جي سڌي فرياد وزير اعلي سنڌ ٿيڻ کپي ڇو ته سائين بادشاھ پاڻ چوي ٿو ته اسان اسلام آباد جا غلام ناهيون.

سنڌ اسيمبلي پاڻ مرادو به هلي سگهي ٿي ڇو؟ سنڌ جا قومپرست به اها ڳالهه ٿا ڪن ته وفاق اسان جا وسيلا هرپ ڪري رهيو آھي ته انهن کي لاش ڏنا ٿا وڃن ڇو؟ پيپلز پارٽي چوي ته خير آھي سياسي بيان ٿو سمجهو وڃي،

اهو سڀ پيپلز پارٽي جي چوڻ تي ٿي رهيو آھي، فقير سائين علي مراد کهاوڙ جو ٻيو پاسو جيڪو ان جي لاءِ زندگي جو اهم مقصد هيو ته 1926 ۾ سعودي عرب جي اندر نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جي نياڻي پاڪ بي بي فاطمته الزهرا سلام الله عليه جي مزار کي ان وقت جي سعودي حڪمران عبدالعزيز بن عبدالوهاب نجدي معلون طرفان شھيد ڪئي وئي هئي جيڪا اڄ تائين شھيد حال ۾ آھي،

فقير سائين 1971 ۾ انجمن حسيني جنت البقيع مزار ڪاميٽي وارھ پاڪستان جو بنياد رکيو ۽ دنيا جي 60 اسلامي ملڪن سان رابطو ڪيو،

23،03،1975 ۾ فقير سائين کي ابوظھبي جي صدارتي ڪورٽ جي صدر ڊاڪٽر ايزي الدين ابراهيم رابطو ڪري فقير سائين جو شڪريو ادا ڪيو، چيائين ڊيئر فقير علي مراد جي کهاوڙ اسان توهان جي مطالبي تي باني اسلام جي مزار جي تعميرات لاءِ ڪاميٽي تشڪيل ڏني آھي،

فقير سائين 8 شوال تي 1993، 1994، 1995، ۾ علم پاڪ کڻي اسلام آباد احتجاج لاءِ ويو جنهن ۾ منهنجو مرحوم دوست فقير امتياز علي کهاوڙ، مقبول احمد ابڙو، ايڊووڪيٽ اياز علي کھاوڙ گڏ هيس .

اتي سائين آغا سيد حامد علي موسوي سربراھ تحريڪ نفاذ فقه جعفريه پاڪستان سان ملاقات ڪري پاڪ بي بي خاتون جنت جو فائيل هٿو هٿ ڏنو، جنهن تي سائين سيد حامد علي شاھ فائيل ڏسي چيو ته فقير سائين توهان جو نالو تاريخ ۾ لکيو ويندو مان توهان جي عظيم جدوجهد کي سلام ٿو پيش ڪريان،

ڪجھه وقت اڳ پنجاب اسيمبلي ۾ خاتون جنت جي مزار جي تعمير لاءِ قراداد پيش ڪندڙ ايم پي اي سيد حسن مرتظي شاھ ۽ سنڌ اسيمبلي ۾ پي ٽي آءِ ايم پي اي سيد فردوس عاشق نقوي ۽ پ پ پ ايم پي اي سيد ناصر علي شاھ کي سلام پيش ڪريون ٿا ۽ قرادادن جي حمايت ٿا ڪريون،

پاڪ سائڻ بي بي فاطمته الزهرا سلام الله عليه جي نالي سان منصوب ٿيل مرڪزي انجمن حسيني جنت البقيع مزار ڪاميٽي طرفان شڪريو ادا ٿا ڪريون،

14 جون 2021 ۾ فقير سائين جي چوٿين ورسي آھي ۽ پ پ وارن کي ملهائڻ کپندي هئي پر پي پي پي وارن هن عظيم بهادر جيالي کي وساري ڇڏيو آھي ۽ پي پي پي وارن کي ياد آھي ته صرف ڪرپشن؟ جس لهن فقير سائين جي فيملي ۽ فقير علي مراد يادگار ڪاميٽي جيڪا هر سال فقير جي ورس ملهائن ٿا،

اسان ته ڪجھه به نه آھيون پر  فقير سائين جي نالي جنهن هميشه مظلومن جي پاسي هجڻ جو درس ڏنو آھي. فقير سائين جي پهرين جنوري سالگره جي موقعي تي سندس جي عظيم جدوجهد کي سلام پيش ڪريون ٿا.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.