سوشل ميڊيا ڪارنر

نثري نظم

سنڌ امان توسان وچن

ٻاروتڻ ۾ جھير دلين تي,

جيون جھڙو

زھر جو پيالو!!

لڪل ڪوٽي جا

جي ڪوڏيا,۽

گڏين سان جيڪي

راند رھن,

تن معصومن سان ويل!!

چٿيل تن جا لاش ته ڏس!!!

سنڌڙي!

مان ڪھڙا سور سليان!

ھر دل ۾ آ

ھت درد ڀريل…

نياڻيون پھتيون دارالعلمين ۾

سماج سان جھيڙيندي,

پاڻ سان وڙھندي,

مستقبل جا سندر خواب کڻي;

قھرين تن سان قھر ڪيا!!

اڄ دار تي آھن سنڌڙي

تن جا لاش ٽنگيل!!!

جن کان وڇڙي گھوٽ ويا,

 ڪيئن سي ونيون

 سينڌ سينگارينديون!

مرڪڻ سان سي

 ڪنھن کي جيارينديون!

جن جا پيئر سنڌ امڙ تان گھور ٿيا!

جن جا ڀائر نه رھيا

سي ڪنھن لاء ڳيچ ڳائينديون!

پرنئين سال جو آ

سنڌ امان توسان وچن!

تنھنجون سورميون

تنھنجي بقا جي ويڙھ ۾

تنھنجي ٿڃ ملھائينديون…!

قمرالنساءِ

ٽالپر

جھان کي ڏيو مبارڪون….!

اڄ کان لڳ ڀڳ ٻه سال اڳ پاڻ سوشل ميڊيا، افيئر ۽ ڪاوش اخبار ۾ مضمون لکي اھو سوال اٿاريو ھو ته ڪڊني ھل ڪراچي تي بسم الله شاه بخاري نالي مزار دراصل پير صبغت الله شاهه،سورھيه بادشاه جي مزار آهي.ان لاءِ ڪيترائي دليل پڻ ڏنا ھئا، جنھن تي ھزارين حر فقيرن سرھائي جو اظھار ڪيو ھو ۽ ان دوران فقير کي ھزارن جي انگ ۾ فرينڊ رڪئيسٽ موصول ٿيون ھيون،ڪجهھ سڄڻ ناراض به ٿيا ته ڪن نالي ۾ نھال دانشورن پنھنجا جوھر پڻ ڏيکاريا.ويجھڙ ۾ ان مزار تي شھيد سورھيه بادشاهه جي تختي پڻ لڳي چڪي آهي،اعلان ٿيڻ باقي آهي.ڏسو ويٺا رنگي جا رنگ….نه وسارڻ کپي ته معزز سپريم ڪورٽ ڪڊني ھل پارڪ تي ٺھيل اڏاوتن کي ڊاھڻ جو حڪم ڏئي چڪي آهي پر ھي مزار پاڪستان کان به آڳاٽي آھي جنھن جا رکوال ھن وقت به حر فقير آھن ۽ مزار جو نگران مرحوم شاھ مردان شاھ پير پاڳاري جي ڀاءُ نادر شاهه جو پٽ اڪبر شاھ آھي.ھن کان اڳ نادر شاهه پاڻ نگران ھو. ھاڻي به جيڪڏهن پاڳاري ڪٽنب ڪنھن مصلحت يا معاھدي ھيٺ خاموشي نه ٽوڙي ۽ سچ بيان نه ڪيو ته پوءِ اھو تاريخي يادگار مٽيءَ جي ڍير ۾تبديل ٿي ويندو،جيڪڏھن ايئن ٿئي ٿو ته اھو وڏو الميو ھوندو!

همسفر گاڏهي جي پوسٽ

 

نئين سال جي آجيان

نئين سال جي آجيان ايڏي گوڙَ ۽ فائرنگ ڪرڻ سان اسانجو اجتمائي ذهني انتشار ۽ وجودي بحران ته ظاهر نه ٿو ٿئي! اها آجيان لطيفي انداز، حقيقت پسندي، آئيندي جي رٿابندي ۽ پرسڪون انداز سان به ته ڪري سگهجي ٿي���

جامي چانڊيو جي پوسٽ

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.