نئون سال ۽ نئين مهانگائي

تحرير؛گل بهار علي گاڏهي

پاڪستان تحريڪ انصاف جي سرڪار جڏهن کان اقتدار ۾ آئي آهي تڏهن کان سواءِ مهانگائي جي عوام کي ڪجهه به نه مليو آهي، وزيراعظم پاڪستان عمران خان طرفان جيڪي فيصلا ڪيا پيا وڃن انهن مان ثابت ٿئي ٿو ته پاڪستان جي معيشت ۽ خودمختياري کي وڏو خطرو آهي، عوام ته گذريل 4 سالن کان مهانگائي جي چڪي ۾ پيسجي رهيو آهي تنهن باوجود وفاقي حڪومت طرفان ڏينهون ڏينهن مهانگائي طرف وڌڻ حيرت جوڳو قدم آهي ڇو جو 2023 جي اليڪشن جون تياريون هلي رهيون آهن .

جڏهن ته مختلف پارٽين اها دعويٰ به ڪئي آهي ته عمران خان جي سرڪار هاڻ 2022 ۾ دم ڏئي ڇڏيندي، هن وقت اسان تيزي سان آءِ ايم ايف ذريعي عالمي سامراجي قوتن وٽ قيد ٿيندا پيا وڃون، جنهن سبب هن مهل عالمي طاقتون پنهنجي مرضي جا فيصلا پاڪستان ۾ ڪرائي رهيون آهن،

عالمي طاقتن کي پاڪستاني عوام کان وڌيڪ پنهنجا مفاد عزيز هوندا، عمران خان کي جيڪڏهن سياست ۾ رهڻو آهي ته اهڙي پاليسي اختيار ڪري جو سڀ کان پھرين  پنھنجي خودمختياري، معشيت ۽ پنھنجي ماڻھن جي خوشحالي کي عزيز ڪرڻ گهرجي ها، پر هتي افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته اسان جا سياسي نمائندا جيڪي به رهيا آهن يا وري هن وقت جيڪي اقتدار ۾ آهن اهي سڀ ٻاھرين ڊڪٽيشن تي ملڪ کي وڌيڪ غلام بڻائڻ ۾ رڌل آهن،

دنيا ۾ جن ملڪن ترقي ڪئي آهي جيڪڏهن انهن ملڪن جي تاريخ ڏٺي وڃي ته هر ملڪ پنهنجي خودمختياري، خوشحالي ۽ عوامي مفاد کي اولين ترجيح ڏئي ترقي ماڻي آهي، هن وقت وفاقي حڪومت نئين سال جي خوشي ۾ پيٽرول وڌيڪ 4 رپيا مهانگو ڪري پاڪستان جي تاريخ ۾ پيٽرول في ليٽر اگهه 144 رپيا 82 پئسن مقرر ڪري عروج تي پهچايو ويو آهي،

پاڪستان ۾ سمنڊ، درياهه، گئس، تيل، ڪوئلو، زراعت سميت انيڪ قدرتي وسيلا هجڻ باوجود اسان جو عوام غربت جي لڪير هيٺ آهي، عمران خان جي حڪومت ايندي ئي پورهيتن جي خودڪشين وارن واقعن ۾ واڌ ٿي، بک، بحالي ۽ بيروزگاري تمام گهڻي حد تائين وڌي وئي، جيڪڏهن توهان هڪ ڀيرو ٻيهر تاريخ جي ورق کولي ڏسندا ته اهڙو ڪو به ملڪ نه هوندو جيڪو پنهنجي عوام کي بک، بدحالي ۽ بيروزگار ڪري اڳتي وڌيو هجي، ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ سڀ کان پهرين عوام کي روزگار فراهم ڪرڻ آهي، جيڪو تڏهن ئي ممڪن آهي جڏهن حڪمران آزاد ۽ خودمختيار هوندا ۽ عوام دوست معاشي پاليسيون جوڙي عوام کي رليف ڏياريندا.

پاڪستان جون سياسي پارٽيون پي ٽي آءِ، پ پ پ ، مسلم ليگ ن، جي يو آءِ يا وري ڪي ٻيون صوبائي پارٽيون عالمي طاقتن ڏانهن نهاري رهيون آهن ته ڪو ڊيل لاءِ گهرائي ۽ اقتدار اسان کي ملي، جيڪو ڊيل لاءِ گهرائي هنن کي اقتدار ۾ آڻيندو ته هو ڪڏهن به نه چاهيندو ته عوام جا مسئلا حل ٿين، روزگار ملي يا وري پاڪستان ۾ خوشحالي اچي، سڀ کان پهرين ته هو پنهنجي مفاد جو سوچيندا ۽ پوءِ وري جيڪو ڪجهه بچيو اهو پنهنجي رکيل نمائندن ۾ ورهائي ڇڏيندا، اهو سلسلو وڏي عرصي کان هلندو رهي ٿو ، جڏهن به ملڪ ۾ مهانگائي ٿيندي آهي ته اسان جا چونڊيل نمائندا ڪو نه ڪو اهڙو هنگامو ڪندا آهن ته جيئن عوام کان مهانگائي واري ڳالهه وسري وڃي ۽ ماحول کي ڪنٽرول ڪري وٺجي،

عمران خان جڏهن به مهانگائي ڪئي ته ڪشمير سميت ٻيا اهڙا مسئلا درپيش آيا، جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته وزيراعظم عمران خان خودمختيار ناهي رهيو ، هن مهل پاڪستان جون سموريون، سياسي پارٽيون 2023 جي اليڪشن جي تيارين ۾ لڳي ويون آهن ته ٻئي طرف پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت پنهنجو پاڻ بچائڻ لاءِ احتساب واري عمل کي به ڊرو ڪري ڇڏيو آهي، جنهن سبب نواز شريف جي واپسي جون ڳالهيون ٿي رهيون آهن ۽ پ پ پ طرفان به لاهور ۾ خيما اڏڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته هن ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي ۾ عوام گهرن کان ٻاهر نڪري حڪومت جي خاتمي لاءِ ٿيندڙ مارچن ۾ شرڪت به ڪندو يا وري مهانگائي کي نظر ۾ رکندي پنهنجي ٻچڙن جوپيٽ پالڻ لاءِ روزگار جي ڳولا ۾ رهندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.